رميش ڄاڃاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رميش ڄاڃاڻي، سنڌي رنگ منچ/ اسٽيج جو سداحيات اداڪار ٿي گذريو آهي. سندس جنم 04 آگسٽ 1929ع تي خيرپورميرس، سنڌ ۾ ٿيو. هن اسٽيج ڪـلا کي بُلنـديـن تـي پهـچـايـو. سندس ڊائريڪشن ۾ پيش ٿيل ناٽڪ ڏسندڙ وڏي تعداد ۾ ٽڪيٽون خريد ڪري ڏسڻ ايندا هئا. هن سنڌي ناٽڪن جا فيسٽيول منعقد ڪري، سنڌي ناٽڪن کي عوام ۾ وڏي مقبوليت ڏياري.

تعليم ۽ فن[سنواريو]

سندس تعليم انٽر آرٽس هئي. ڀارت لڏي وڃڻ کان پوءِ هن نيشنل اسڪول آف ڊراما (دهليءَ) مان ٽن سالن جو ڪورس به ڪيو هو ۽ ان بعد سنڌي ناٽڪن جي هدايتڪاريءَ ۽ اداڪاريءَ ۾ وڏو نالو ڪڍيائين.

ايڪانڪي ناٽڪ[سنواريو]

هن 50 کن ايڪانڪي ناٽڪن (One act Plays) ۽ ٽه فصلن ناٽڪن (Three act plays) ۾ هدايتڪاري ۽ اداڪاري ڪئي آهي. رميش ڄاڃاڻيءَ، سنڌي فلمن ’سنڌُو ڪناري‘ ۽ ’هل ته ڀڄي هلون‘ ۾ اداڪار طور ڪم ڪرڻ سان گڏ ڪجهه هندي فلمن ۽ ٽي. وي سيريلن ۾ به ڪم ڪيو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012