رمل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رمل: طواف جي پھرين ٽن چڪرن ۾ ڪلھا لوڏيندي تيز تيز ھلڻ کي رمل چوندا آهن[1]. نبي ﷺ جن 7 ھجري ۾ اصحابين سان گڏ عمرو ادا ڪرڻ جي ارادي سان مڪي شريف ويا تہ اتي جي ماڻھن پاڻ ۾ چيو تہ ھنن جو ڪھڙو تہ حال ٿي ويو آهي! دراصل مديني جي آبھوا جي خرابي جو اثر ھو ۽ سڀئي ڪمزور ٿي ويا هئا[1]. جڏھن نبي ڪريم ﷺ جن کي ان ڳالهه ٻولهه جي خبر پئي تہ پاڻ ﷺ جن حڪم ڏنو ته طواف جي پھرين ٽن چڪرن ۾ ماڻھو رمل ڪن، يعني تيز چال سان ھلن، ۽ قوت ۽ طاقت جو مظاهرو ڪن[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 302