رفع حاجت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رفع حاجت :سني فقه مطابق ڪاڪوس ۽ پيشاب ڪرڻ وقت اوڀر ۽ اولھ طرف منھن يا پٺي ڪري ويھڻ منع آهي[1]. سوراخ يا سخت زمين تي پيشاب ڪرڻ منع آهي. سوراخ ۾ ان ڪري جو متان ان ۾ موذي جانور ھجي ۽ نڪري ڏنگ يا چڪ ھڻي وجھي ۽ سخت زمين ان ڪري جو ان تي ڦھنگون اٿنديون آھن[1]. ڇانو ڏيندڙ يا ميويدار وڻن ھيٺان، درياء يا کڏ جي ڪناري تي جتان ماڻھو پاڻي ڀريندا ھجن يا غسل ڪندا ھجن، اوطاق يا اھڙي جاء جتي ماڻهو آرام وٺندا ھجن يا ٻيون ضرورتون پوريون ڪندا ھجن اتي پڻ منع آهي[1]. بيھي پيشاب يا ڪاڪوس ڪرڻ پڻ منع آهي سواء معذوري يا مجبوري جي[1]. حضرت انس بن مالڪ رضه جي روايت آھي تہ؛

نبي ﷺ جي ھٿ ۾ ھڪ منڊي ھوندي ھئي جنھن تي محمد رسول الله نقش ٿيل ھو, جڏھن پاڻ سڳورا رفع حاجت لاءِ ويندا ھئا تہ ان کي لاھي ڇڏيندا هئا

— مسلم، ترمذي، [1]

اسلامي شريعت مطابق ڪاڪوس لاءِ ويھڻ يا ڪاڪوس واري جاء ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪاڪوس ڪري اٿڻ يا ڪاڪوس واري جاء مان ٻاھر نڪرڻ لاء مسنون دعائون آهن جيڪي پڙھيون وينديون آهن[1]. بيٺل ۽ وھندڙ پاڻيءَ ۾ بہ پيشاب ڪرڻ منع آهي.مسلم ۽ نسائي ۾ حضرت جابر جي روايت سان اھڙيون حديثون پڻ بيان ٿيل آھن جن ۾ پاڻي ۾ پيشاب ڪرڻ کان منع ڪئي وئي آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 35