رعايت (سياسيات)
ڳالهين يا ويچارڻ جي عمل دوران جڏهن هڪ ڌُر رضاڪاراڻي بُنيادن تي ٻي ڌُر کي ڪي خاص حق، رعايتون، سهولتون يا ڪنسيشن (Concession) ۽ برتري ڏئي ٿي ته اُن سهڪار کي هن اصطلاح ذريعي واضح ڪيو وڃي ٿو. هي عمل اصل ٻن مُلڪن وچ ۾ ڪنهن به واسطيداريءَ دوران، هڪ سگهاري ڌُر طرفان ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ رضامنديءَ ۽ سهولت ڀريي رويئي جي نشاندهي ڪندي، روايتي اعتراضن ۽ شڪايتن کي پرڀرو رکڻ جي آگاهي ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ ”رعايت“ جو معيار، وقت ۽ ڪارڻ وڏي اهميت رکندا آهن. ڪنهن به هڪ طرفي رعايت جو مطلب اهو هوندو آهي ته ”رعايت“ ڏيندڙ ڌُر ڳالهين ۾ آيل رڪاوٽ کي ختم ڪري پيدا ٿيل گهوٽالي ۾ وڏي دل جو مظاهرو ڪري رهي آهي. رياستي معاملن ۾ محدود حد تائين رعايت يا سهوليت کي ته هاڪاري اڳڀرائيءَ طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ان ڏس ۾ لامحدود سهڪار، نيٺ هاڃي جو سبب بڻجي رياست جي خودمختياريءَ کي هاڃو پهچائي ٿو. انهيءَ ڪري ٻه-طرفيون يا گهڻ- طرفيون رعايتون/ سهولتون علائقي يا عالمي سياست ۾ خوشگوار تبديليون پيدا ڪري سگهن ٿيون.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ رعايت[مئل ڳنڍڻو] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع