رتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھلڪا ڳاڙھا رتي ٻج

رتي (Abrus precatori) رتي انڊيا جو روايتي طور جو ھڪ ننڍڙو وٽ ھوندو آھي جنھن کي ھاڻي 0.12125 گرام جي برابر سمجھيو ويندو آھي. پھرين ان وٽ جو وزن رتي جي ٻج جي برابر ھوندو ھو تنھن ڪري وٽ تي رتي نالو پئجي ويو. ھڪ تولي ۾ 12 ماسا (Masha) ٿيندا آهن جيڪي 11.67 گرام جي برابر آهي. ھڪ ماسي ۾ اٺ رتيون يا 0.97 گرام ٿينديون آهن. اھڙي طرح ھڪ تولي ۾ 96 رتيون ٿينديون آهن. ھڪ گرام ۾ اٺ رتيون ٿين ٿيون. ھڪ رتي برابر ھوندي آھي 0.91 قيرات (carat) جي.