راڪيٽ پراپيلڊ گرنيڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھيٺين پاسي کان راڪيٽ پراپيلڊ گرنيڊ ۽ مٿئين پاسي آر پي جي- 7 لانچر. راڪيٽ پراپيلڊ گرنيڊ جو سنھو گول پاسو لانچر ۾ فائر ڪرڻ لاء وجھبو آھي
سوويت روس جا راڪيٽ لانچر مٿان کان هيٺ: آر پي او-سي شميل، آر پي جي-22،آر پي جي-26۽ آر پي جي-18

راڪيٽ پراپيلڊ گرنيڊ(انگريزي: rocket-propelled grenade ) يا راڪيٽ سان اڳتي ڌڪجندڙ گرنيڊ جنھن کي مختصرن آر پي جي (RPG) سڏبو آهي. اھو ڪلھي تي لانچر رکي فائر ڪيو ويندو آهي. اھو ٽينڪ کي تباھ ڪندڙ ھٿيارن وارو سسٽم آھي جنھن ۾ راڪيٽ ۾ بارود لڳائي فائر ڪيو ويندو آهي. اڪثر آر پي جي فوجي پاڻ کڻي ھلندو آھي. راڪيٽ جو مارٽر اصل ۾ انجڻ ھوندو آھي جنھن جي اڳيان وار ھيڊ (بم يا بارود) لڳايو ويندو آهي ۽ پوءِ ان کي لانچر مان فائر ڪرڻ سان راڪيٽ جو مارٽر ٽارگيٽ طرف ھلڻ شروع ڪندو آهي فائر ڪرڻ وقت کنڀڙين واري راڪيٽ ۾ کنڀڙيون يا ننڍا پر ان کي اڏامڻ ۾ طاقت ڏيندا آهن.

ھاء ايڪسپلوسو اينٽي ٽينڪ يا (HEAT) راڪيٽ جي مٿي ۾ لڳل مارٽر يا انجڻ جي اڳيان لڳل گرنيڊ جو اندريون پاسو جيڪو ڌماڪو ڪري تباھي ڪندو آھي


راڪيٽ جي گرنيڊ جو ڊائگرام جنھن ۾ : 1.ايئروڊائنامڪ ڪور؛ 2. ھوا سان ڀريل خانو؛ 3.ڪون وانگر لائينر؛ 4.ڊٽونيٽر؛ 5.ڌامڪو ڪندڙ مادو؛ 6.پيزو برقي ٽرگر.

ھي ھٿيار ويھين صديءَ جي پيداوار آھن جيڪي ٽينڪ کي تباھ ڪرڻ لاء ٺاھيو ويو ھو


عراقي سيڪيورٽي فورس جو فوجي آر پي جي-7 لانچر ۾ آر پي جي لوڊ ڪري م ٽارگيٽ وٺندي. آر پي جي جي پائيپ جو اڳين حصي جي ٿولھ ۾ اڳيون اڌ گرنيڊ يا وار ھيڊ آھي جنھن ۾ بارود ۽ ڊٽونيٽر آهي ۽ ان جو پويون اڌ مارٽر يا انجڻ آھي