مواد ڏانھن هلو

رام ڦل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رام ڦل
سيتا ڦل، انونا اسڪئموسا
رام ڦل، اينونا موريڪاٽا
سائنسي درجا بندي e
قسم جنس
اينونا موريڪاٽا
جنسون

Some 100-150

هم معنيٰ

گئانابئنوس مل.
رائمونڊيا سئف.
رولينيا A. St.-Hil.
رولينيوپسس سيف. [1]

رام ڦل (Annona) به سيتا ڦل جهڙو ميوو آهي. هندستان ۾ عام آهي، مگر پنجاب ۽ آس پاس وارن پرڳڻن ۾ ڪين ٿيندو آهي. هن جي ۽ سيتا ڦل جي وچ ۾ تفاوت هي آهي، ته هن جي کل اندر مال ٻنهي جي گهڻو ڪري هڪ جهڙو هوندو آهي. مگر سيتا ڦل ۾ وڌيڪ لذت ۽ خوشبوءِ ٿئي ٿي. جڏهن سيتا ڦل لهي بس ڪندا آهن، تڏهن رام ڦل لهندا آهن، تنهن ڪري گرم ڏينهن ۾ ڪمائتا ٿين ٿا. هن وڻ يا ميوي سان هلت ساڳي اهڙي ڪرڻ ۾ اچي ٿي، جهڙي سيتا ڦل سان آهن.[2] رام ڦل کي هندي ۾ مالهي نونا به چوندا آهن، ڇا لاءِ جو ان جو انگريزي نالو آهي انونا آهي ۽ بعضي بُلز هارٽ (يعني ڏاند جو دل) به چوندا اٿس، جو انهيءَ ميوي جي شڪل اهڙي ٿيندي آهي.

هن ميوي جهڙو يا انهيءَ قسم جو، هڪڙو ٻيو به ميوو ٿيندو آهي جنهن کي ولايتي نونا چوندا آهن. اهو قد جو وڏو ٿيندو آهي. ناريل کان ٿورو وڏو ٿيندو آهي.اندر کٽمٺو ٿيندو آهي ۽ ٻاهران ڪَنڊن وانگي پاسا ٿيندا اٿس. هندستان ۾ گهڻو عام ناهي، آسام ۾ چڱو ٿيندو آهي. اهو ميوو جون جي آخر ۾ پچندوآهي، ۽ جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ کاڄندو آهي. پڪي مهل ٻاهران ڳوڙهو سائو ٿيندو آهي. اندر ڳر ۾ انناس جهڙي باس ٿيندي اٿس، جا گهڻن کي ڪين وڻندي آهي. کائڻ ۾ به ڪن کي لذت ڏيندو آهي. بعضي کنڊ وجهي کائيندا اٿس. هي ٻه سيتا ڦل وانگي پوکبو آهي.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. Germplasm Resources Information Network (GRIN) (17 سيپٽمبر 1996), "Genus: Annona L.", Taxonomy for Plants, USDA, ARS, National Genetic Resources Program, National Germplasm Resources Laboratory, Beltsville, Maryland, حاصل ڪيل 18 اپريل 2008۔
  2. 1 2 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.