راضي شاھ جو ميلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راضي شاھ جو ميلو :(انگريزي: Razai Shah Fair) هي ميلو مٺي تعلقي ۾، نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيسن جي ڏکڻ – اوڀر طرف، ٿر ۽ سنڌ جي ڪَس تي مير ڪرم علي خان ٽالپر جي ٺهرايل ڪوٽ (جو اڃا بيٺو آهي) جي ڏکڻ – الهندي طرف ذوالحج يعني عيد الضحيٰ تي سال بسال لڳندو آهي. هتي سيد راضي شاھ گهوٽ لڪياريءَ جو عاليشان قبو آهي ۽ مُجاور رهي ٿو. هي سڀني کان وڏو ميلو آهي، جتي ڪافي ماڻهو پري پري کان ايندا آهن. هر ڪنهن قسم جو چڱو واپار هلي ٿو. ملاکڙو بہ لڳندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.