مواد ڏانھن هلو

رئيس غلام مصطفي ڀرڳڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

رئيس غلام مصطفي ڀرڳڙي (انگريزي: Raees Ghulam Muhammad Bhurgri) رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، جو ٽيون نمبر فرزند ھيو جيڪو 7 جنوري 1913ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڊينگاڻ ڀرڳڙي، تعلقي جيمس آباد، ۾ ورتائين. بعد ۾ حيدرآباد جي نئين ودياليه هاءِ اسڪول ۾ اچي، انگريزي پڙهڻ ويٺو، 1924ع ۾ والد جي انتقال بعد، هن کي ديرادون پبلڪ اسڪول ۾ پڙهڻ واسطي موڪليو ويو، جتي 1931ع ۾، سينئر ڪيمبرج جو امتحان ڏنائين. مارچ 1931ع ۾ ڀڳت سنگهه ۽ دت کي ڦاسي اچڻ وقت هن ديرادون جي اسٽرائيڪ ۾ شرڪت ڪئي، ان ڪري کيس اتان ڪڍيو ويو.[1] 1937ع ڌاري، هي خاڪسار تحريڪ ۾ شريڪ ٿيو، جنهن ۾ کيس "امير جانبازان هند" جي عهدي تي نامزد ڪيو ويو. انهيءَ تحريڪ ۾ هو ڪيترا سال ڪم ڪندو رهيو. يو- پيءَ ۾ خاڪسار تحريڪ طرفان هلايل هلچل ۾ حصو وٺڻ ڪري جيل ۾ به ويو. 1938ع ڌاري، هي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پهريون دفعو سنه 1946ع جي پهرينءَ اليڪشن ۾ چونڊجي آيو ۽ ڪانگريس سان ڪوئليشن ۾ شامل هو. 23 ۽ 24 فيبروري 1946ع جي ڪوئليشن ڪانفرنس، جيڪا سـَـن ۾ ڪٺي ٿي ۽ غير مسلم ليگي قومپرست مسلمانن جي ڪانفرنس، جيڪا پوءِ دهلي ۾ گڏ ٿي، تن ۾ شامل رھيو. دهليءَ جي ڪانفرنس ۾ خاڪسار، جميعت العلماءِ هند، مؤمن ڪانفرنس، آزاد ڪانفرنس، قوم پرست مسلمان، شيعه ڪانفرنس، احرار جماعت ۽ اسان جي ترقي پسند مسلم ليگ جا عيوضي ڪٺا ٿيا هئا. ان ڪانفرنس ۾ ٺهراءُ ٿيو ته اُهي سڀ جماعتون، غير مسلم ليگي مسلمانن سان گڏيل محاذ ٺاهين. آئيني اصلاحات لاءِ تجويز ٿي ته صوبن کي وڌيڪ اختيارات ڏنا وڃن، ۽ مرڪزي حڪومت ۾ هندن ۽ مسلمانن کي هڪ جيترا عيوضي ڏيئي، هندستان کي ڪانفيڊريسي بنايو وڃي، پر اها تجويز مسلم ليگ وارن کي قبول نه پيئي، جي ملڪ جي ورهاڱي لاءِ پڪا ٿي چڪا هئا ۽ نه ڪانگريس وارن ان ڳالهه ڏي توجهه ڏنو. جنهن صورت ۾ اهي ٻيئي جماعتون طاقتور هيون ۽ وقت جي حڪومت به انهن جي نمائنده حيثيت کي تسليم ڪري چڪي هئي، تنهن ڪري هيءُ گهڻين پارٽين جو محاذ طاقت وٺي نه سگهيو. ان کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جون ٻيو دفعو 1946ع جي آخر ۾ چونڊون ٿيون، انهن ۾ شڪست کاڌائين. 1948ع ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ پيپلس پارٽي ٺاهي ويئي. ان ۾ رئيس صاحب مکيه ڪارڪن هو. هن پارٽيءَ جا ليڊر ترت ئي گرفتار ٿيا ۽ انهن جي غير حاضريءَ سبب پارٽيءَ جو ڪم رنڊجي پيو. ان وچ ۾ ميان افتخار الدين "آزاد پاڪستان پارٽي" ٺاهي ۽ ڪوشش ڪيائين ته سنڌ جي پيپلس پارٽيءَ وارن کي ان ۾ آڻي. مير علي احمد خان ۽ ٻيا ڪارڪن ان ۾ هليا ويا، ليڪن رئيس صاحب ۽ شيخ صاحب، جيل ۾ ليڊرن جي بند هئڻ سبب، پارٽي ڇڏي، ان ۾ داخل ٿيڻ کان انڪار ڪيو.[1].

ان کان پوءِ، سنه 1953ع ۾، سنڌ اسيمبليءَ جون وري چونڊون ٿيون، جن ۾ مسلم ليگ کان ٻاهر مخالف جماعتن، جهڙوڪ پيپلس پارٽي، آزاد پاڪستان پارٽي، هاري پارٽي ۽ عوامي ليگ گڏجي متحده محاذ قائم ڪري، اُميدوار بيهاريا، جن ۾ هيٺيان ست اُميدوار محاذ طرفان چونڊجي آيا:(1) جي. ايم سيد، (2) پير الاهي بخش، (3) رئيس غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي، (4) سيد حاجي حسن بخش شاهه، (5) سيد گل محمد شاهه، (6) رئيس علڻ خان لغاري، (7) پيرزادو شاهنواز. جيڪي مخالفت ۾ ويٺاسون. رئيس صاحب ڊيپوٽي ليڊر هو. انهيءَ اسيمبليءَ اندر سنڌ جي حقن جي درخواست، ڪراچي واپس ملڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائون.[1].

سنه 1954ع ۾ گورنر جنرل پاڪستان، مسٽر غلام محمد، سنڌ کي پنجاب سان گڏڻ جي سوال تان ناراض ٿي، پيرزاده وزارت کي ڊسمس ڪيو ۽ کهڙي صاحب تان پروڊا جون پابنديون هٽائي، کيس سنڌ جو وزيراعظم نامزد ڪيو. نئين وزارت مون کي جيل موڪليو، ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کي زوريءَ دٻائي، سنڌ اسيمبليءَ کان سنڌ کي ون يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ان ٺهراءَ جي مخالفت ۾ جن چئن ميمبرن ووٽ ڪيو هو، تن ۾ جي ايم سيد ۽ رئيس غلام مصطفي ڀرڳڙي شامل ھيا.[1]. سنه 1955ع ۾ مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون. انهن ۾ به رئيس صاحب چونڊجي آيو. مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ اسان "سنڌ متحده محاذ پارٽيءَ" جي نالي سان مخالفت ۾ ويٺاسون، ان ۾ به رئيس صاحب پارٽيءَ جو ڊيپوٽي ليڊر هو. ساڳئي سال ڪراچيءَ ۾ خان عبدالغفار خان جي صدارت هيٺ، سنڌ، بلوچستان ۽ فرنٽيئر صوبن جي عيوضين جي ون يونٽ خلاف ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ "ائنٽي ون يونٽ فرنٽ" ٺهيو. ان ۾ رئيس صاحب خزانچي چونڊيو ويو. ان کانپوءِ مغربي پاڪستان جي ٽن مکيه جماعتن: (1) متحده محاذ، (2) آزاد پاڪستان پارٽي، ۽ (3) سرخ پوش جماعتن سان گڏجي "پاڪستان نيشنل پارٽي" قائم ڪئي. ان جو رئيس صاحب مکيه ميمبر رهيو. ٿوري وقت بعد، پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ عوامي ليگ گڏجي، ڍاڪا ۾ ڪنوينشن سڏائي، "پاڪستان نيشنل عوامي پارٽي" ٺاهي. ان ڪنوينشن ۾ رئيس صاحب شرڪت ڪئي، ۽ هيستائين ان جماعت جو مکيه ڪارڪن ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهندو آيو، ۽ نيشنل عوامي پارٽيءَ جي مکيه اجلاسن ۾ اڪثر شرڪت پئي ڪئي اٿس. سنه 1957ع ۾، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ ون يونٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ هن ٺهراءُ پيش ڪيو، جو گهڻيءَ اڪثريت سان پاس ٿي ويو. ايڪٽيهه ميمبرن جي اسيمبليءَ مان صرف چئن ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڪيو. سنه 1958ع ۾ مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد، سڀني قومي ڪارڪنن وانگر، هيءُ به خاموش رهيو پر جڏهين کان وري سياسي تحريڪون شروع ٿيون آهن، ته هيءُ شيخ صاحب سان جملي ڳالهين ۾ پئي شريڪ رهيو آهي.[1]. سنڌ زميندار طبقي جي سياسي ڪارڪنن مان، جن پاڪستان قائم ٿيڻ بعد، حڪمران پارٽيءَ مسلم ليگ اڳيان سر تسليم خم نه ڪيو آهي، سي رئيس صاحب ۽ سيد حسن بخش شاهه آهن. رئيس صاحب کي نڪا لالچ خريد ڪري سگهي ٿي نه ڪو ڊپ هيسائي سگهي ٿو.[1].

شادي ۽ اولاد

[سنواريو]

ھن کي ٻه فرزند اھن: (1) رئيس عبدالقيوم، ۽ (2) رئيس عبدالقادر

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005