ذهني دٻاءُ
![]() | هن مضمون'جو ڍنگ يا انداز انسائيڪلوپيڊيا ڍنگ تي استعمال ڪيل وڪيپيڊيا ڍنگ جي عڪاسي نٿو ڪري.. |
ذهني دٻاءُ , اِسٽريس, ڇڪ، زور، شدت ، يا ته فزيولوجيڪل يا حياتياتي حالت جهڙوڪ دٻاءُ جو هڪ ماحولياتي ردعمل جي هڪ حالت آهي
سبب[سنواريو]
ننڊ جو گھٽ اچڻ[سنواريو]
ذهني دٻاءُ ڪارڻ انسان کي ننڊ جا مسئلا پيش ايندا آهن جنھن ڪارڻ انکي ننڊ ناهي ايندي ۽ نہ ئي سڪون يا آرام ڪري سگھبو آهي انڪري گھڻي ذهني دٻاءُ جو ڪارڻ هڪ نشاني ننڊ جو نہ اچڻ بہ آهي.
موت ۽ خودڪشي ۾ دلچسپي وٺڻ[سنواريو]
ذهني دٻاءُ ڪارڻ خودڪشي جو رجحان وڌي ويندو آهي جنھن سان انسان کي پنھنجي زندگي ۾ ڪا دلچسپي ناهي رهندي جنھن سان اهو هر وقت پنھنجي زندگي کي ختم ڪرڻ جو سوچيندو آهي.
کاڌي کائڻ کان پاسو ڪرڻ[سنواريو]
ڇوجو انسان مڪمل مايوسي جو شڪار ٿي ويندو آهي انڪري انجي کاڌو پيتي جي روعي ۾ بہ انجو اثر پوندو آهي جنھن جي وجہ سان انسان کاڌو پيتو گهٽ ۽ بلڪل ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
دلچسپي ڇڏي ڏيڻ[سنواريو]
ذهني دٻاءُ جو انسان مزاج تہ بہ گھڻو اثر پوندو آهي انجي وجہ سان انسان پنھنجي پاڻ کي ھر ڪنھن کان پري رکندو آهي ۽ ڪنھن ڪم ڪار ۾ پڻ دلچسپي وٺڻ پسند ناهي ڪندو.
همٿ ختم ٿيڻ[سنواريو]
ذهني دٻاءُ جي وجهہ سان انسان جي همٿ گھٽ ٿي ويندو آهي انسان هر وقت پاڻ کي ٿڪاوٽ جو شڪار محسوس ڪندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي انسان جي همٿ واري سگھ جواب ڏئي ڇڏي ٿي.
اداسي ۽ ڪمزوري[سنواريو]
ذهني دٻاءُ ڪارڻ انسان مايوسي ۽ اداسي جو شڪار رهندو آهي جنھن ڪارڻ انسان کي هر وقت ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ محسوس ٿيندي رهندي آهي.
روئڻ[سنواريو]
ذهني دٻاءُ انسان کي مايوسن ۽ نااميدي جي اونڌاهي ۾ وٺي ويندي آهي جنھن ڪارڻ انسان ننڍڙي ننڍڙي ڳالھ تہ بہ روئڻ شروع ڪري ڏيندو آهي.
نااميدي[سنواريو]
ڇوجو انسان ذهني دٻاءُ جي وجهہ سان بلڪل بہ همٿ ڇڏي ڏيندو آهي انڪري انکي ائين لڳندو آهي تہ هاڻ اهو بلڪل اڪليو ۽ لاچار بہ يارو مددگار آهي ۽ ٻي ڪنھن مان اميد رکن پڻ ڇڏي ڏيندو آهي.
ڌيان توجہ ۽ فيصلو ڪرڻ ۾ ڏوکائي[سنواريو]
انسان مايوسي جو ايترو شڪار ٿي ويندو آهي جو ڪنھن بہ شي تہ ڌيان ناهي ڏئي سگھندو جنھن ڪارڻ انکي فيصلي ڪرڻ ۾ ڏوکائي پيش ايندي آهي.
بک ۽ وزن[سنواريو]
ذهني دٻاءُ مختلف ماڻھن تي مختلف طريقن سان اثر وجھندو آهي ڪجھ ماڻھن جي ان وجہ سان بک ۽ وزن گهٽ ٿي ويندو آهي جڏهن تہ ڪجهہ ماڻھن جي بک ۽ وزن پڻ وڌي ويندي آهي.