ذاتي مضمون
ڏيک
شخصي يا ذاتي مضمون (Personal or Subjective Essay) ۾ ليکڪ پنهنجي اردگرد جي حالتن، واقعن، حادثن ۽ تجربن ۽ مشاهدن کي مضمونن جي صورت ۾ پيش ڪندو آهي. اهي تجزيا ۽ مشاهدا انتهائي ذاتي ۽ تخليقي هوندا آهن، جن جي بيان ۾ ليکڪ جي جذبن ۽ داخلي احساس جو وڏو هٿ هوندو آهي. مضمون نگار مختلف شين کي پنهنجي حساب سان پرکيندو آهي، انساني خوشي، غم، پيار، محبت، نفرت، رشتا، ناتا، موسم، ماحول، فطرتي منظر، قدر جا ڪرشما، مينهوڳي، چانڊوڪي ۽ ٻيا کوڙ سارا موضوع اچي وڃن ٿا. ھن قسم جي مضمونن انگريزن جي دور ۾ سنڌي ادب ۾ وڏي ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي طبعزاد مضمون لکيا ۽ ترجما شايع ٿيا. ان سلسلي ۾ مرزا قليچ جو ”مقالات الحڪمت“، پر مانند ميوارام جو ”گل ڦل“، ليکراج عزيز جو ”ادبي آئينو“ ۽ عطا حسين شاھ موسويءَ جو ڪتاب ”ڪچ ڪوڏيون“ وڏي اھميت رکن ٿا.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.