دھسلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دھسلا
سنڌ جي راڻي
جانشين راجا ڪويا ھورت
ريجنٽ ڪورون گھراڻي جو راجا دريوڌن
جيون ساٿي راجا جيدارٿ
شاھي گھراڻو ڪورون گھراڻو
پيءُ راجا ڌرت راشٽر
مذھب ھندو مت

دھسلا :(انگريزي: Dahsala ) قديم سنڌ جي ھڪ راڻيءَ جو نالو آھي جيڪا مهاڀارت جي جنگ واري دؤر جي ھئي. سنڌ ۾ ميدن ۽ جاتن جي گھرو لڙائيءَ کان پوءِ کيس ڀارت جي ڪورون گھراڻي جي راجا سنڌ جي تخت تي ويھاريو. اھا راجا دريوڌن جي ڀيڻ ھئي. ان اسڪلندہ کي گادي جو هنڌ بڻايو ۽ سندس ڪوششن سان برھمڻ سنڌ ۾ آيا. ھن ويھ سالن کان مٿي مدي تائين سنڌ جي راڻي رھي ۽ ڀارت ۾ پانڊون ۽ ڪورون واري مهاڀارت جنگ ۾ ڪورون گھراڻي جي خاتمي سان ھن جي سنڌ تي حڪومت جو پڻ خاتمو ٿي ويو. سنڌ جي تاريخ جي ليکڪ مولوي نور محمد نظاماڻي لکيو آهي ته: "ميدن ۽ جاٽن ۾ اتفاق پيدا ڪري هن ٻنهين کي صلاح ڏني ته پنهنجا ڪي سردار چونڊي راجا ڌرت راشتر جي پٽ راجا دريوڌن وٽ موڪليو ۽ درخواست ڪريو ته هو پنهنجي طرفان ڪنهن کي توهان تي راجا ۽ حاڪم مقرر ڪري ڇڏي ۽ جڏهن اهو راجا دريون جو نائب اوهان وٽ اچي تڏهن ٻئي قومن ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪريو. اها راءِ سڀني پسند ڪئي، ۽ جڏهن هنن جا وڪيل راجا دريوڌن جي درٻار ۾ پهتا تڏهن هن معزز راجا انهن ماڻهن سان نهايت لطف ۽ مهرباني جو سلوڪ ڪيو ۽ پنهنجي ڀيڻ دهسلا کي جا هڪ پهلوان راجا جيدارٿ جي راڻي هئي پنهنجي طرفان سنڌ ۾ موڪليو. شهزادي دهسلا ايندي شرط حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪري هتي جي پهرين راڻي بڻجي جاٽن ۽ ميدن تي حڪومت ڪرڻ لڳي". مولوي نور محمد نظاماڻي وڌيڪ لکي ٿو ته "هي مهاڀارت جي وڏي لڙائي جي ويجهڙائي وارو اهو زمانو آهي، جڏهن آريا قوم سنڌ کان وڌي گنگا ندي جي ڪناري تائين وڃي پهتي هئي، ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ميدن جون پراڻيون قومون ائين بنا بادشاهه جي رهجي ويون هيون"[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي