دھري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دهري:


ڳيچيء جي ھڪ مشھور زيور جو نالو. نٿ کان پوءِ دهري ئي اهو زيور آهي، جنهن کي خاص اهميت آهي ۽ گهڻو ڪري اڄ تائين ساڳي اهميت اٿس.هيءَ سڄي سوني ٿئي. هن جي اهميت ۽ قيمت جو اندازو سرن ۾ لڳايو ويندو آهي. جيتريون گهڻيون سرون ٿين، دهري اوتري گهڻي قيمتي. ڪا دهري نو سري ٿئي، ڪا ست سري، پنج سري وغيره. اهي سرون سون جي داڻن جون ٺهيل هونديون آهن، جيڪي وچ ۾ اڇي پان جي پن جي شڪل جهڙيءَ ڳاڙهن ريشمي ڌاڳن ۾ پوتل هونديون آهن، جن جا آخري حصا رنگين گلن وانگر ٺاهبا آهن، جيڪي ڳچيءَ جي پٺيان ٻڌبا آهن. پتلو رنگين ننگن سان جڙيل هوندو آهي. هن کي زيورن جو سرتاج سمجهيو ويندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}