ديپالي برٺاڪر
| ديپالي برٺاڪر Dipali Barthakur | |
|---|---|
| پيدائش | 30 جنوري 1941 نيلوموني ٽي اسٽيٽ, سوناري, شيو ساگر, آسام |
| وفات | 21 ڊسمبر 2018 (عمر 77 سال) گوهاٽي |
| پيشو | ڳائڻي |
| سَرگَرمُ سالَ | 1955-1969 |
| جيون ساٿي | نيل پون برئوا |
| اعزاز | پدم شري, 1998 |
ديپالي برٺاڪر (انگريزي ٻولي: Dipali Barthakur) ( جنوري 30، 1941 - 21 ڊسمبر 2018)[1] آسام جي هڪ هندستاني ڳائڻي هُئي.[2]
هن پنهنجا گانا بنيادي طور آسامي ٻولي ۾ ڳايا هيا، کيس 1998 ۾ هندستان جو چوٿون سڀ کان وڏو سويلين ايوارڊ، پدم شري مليو هيو.[3] کيس آسام جي بُلبُل پڻ سَڏيو ويندو.[4][2]
شروعاتي زندگي
[سنواريو]برٺاڪور جو جنم بسوواناٿ باراٺاڪور ۽ چندراڪانتي ديوي جي گهر، سوناري سواساگر، آسام ۾ ٿيو هيو.[5][6]
ميوزيڪل ڪيريئر
[سنواريو]برٺاڪر جلد ئي ڳائڻي طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. 1958 ۾، جڏهن هيءَ نائين ڪلاس ۾ تعليم حاصل ڪري رهي هئي، تڏهن هن آل انڊيا ريڊيو، گوهاٽي ۾ "مور بوپائي لاهوري" گانو ۽ فلم لچت بورفوڪان (1959) جي لاءِ "جووبون اموني ڪوري چنیڌن" گانو ڳايو هيو.[7] محترمہ برٺاڪر پنهنجي پُرجوش گانن سان لکين ماڻهن کي پنهنجو پرستار بڻايو، جڏهن هيءَ هاءِ اسڪول ۾ هُئي تہ ان وقت سندس گانن منجهان سڀ کان پهرئين هڪ گانو رڪارڊ ڪيو ويو هيو.[6]
آسامي ۾ سندس ڪُجھ مشهور گيت آهن:[8]
- "سونور کرو نالاگي مک"
- "جوبوني اموني ڪوري, چينيڌون"
- "جںدهوني جنالتي"
- "ڪونمانا بوروڪسائر سپ"
- "سينائي موئي جو دي"
- "او' بونڌو سوموئي پالي امر ڦالي"
ذاتي زندگي
[سنواريو]برٺاڪر پنهنجو آخري گانو "ليوٽو نجابي بوئي" سال 1969 ۾ ڳايو هيو. انکانپوءِ هيءَ هڪ روڳ جنهن جو نالو (موٽر نيورون (Motor neuron) آهي) ۾ شديد بيماري ۾ وٺجي وئي، جنهن سندس ڳائڻ ۾ رڪاوٽ وِڌي ۽ وهيل چيئر استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيس. 1976 ۾ هن آسامي جي مشهور ليکڪ بنند چندرا بڙاوا جي پُٽ نيل پون براواہ سان شادي ڪئي، جيڪو آسام سان تعلق رکندڙ ناميارو هندستاني فنڪار ۽ چترڪار (مصور) هُيو.[9][10] برٺاڪر جي ڊگهي بيماري کانپوءِ گوهاٽي جي نيمڪيئر اسپتال ۾، 21 ڊسمبر 2018 تي 77 سال جي ڄمار ۾ پرلوڪ پَڌاري (وفات) وئي.[11][12] کيس آسام جي بُلبُل جي نالو سان سُڃاتو ويندو هيو.[13] آسام حڪومت ديپالي برٺاڪر جي مانَ ۾ سرڪاري سطح جي اعزاز جو اعلان ڪيو هيو.[14]
ايوارڊ
[سنواريو]برٺاڪر کي ڪيترائي ڀيرا اعزاز سان نوازيو ويو، خاص طور تي 1990-92 ۾ لوڪ ۽ روايتي موسيقي جي لاءِ کيس پدما شري ايوارڊ ڏنو ويو هيو.
هن جا ڪُجھ ايوارڊ / قدر شناسي هيٺئين ريت آهي:
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Dipali Borthakur". IMDb. 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 "Noted Assamese singer Dipali Borthakur no more". The Sentinel (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-12-21. 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. 2015. اصل نسخو (PDF) مان 15 November 2014 تي محفوظ ڪيل. 21 July 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ PeoplePill. "Dipali Barthakur: Indian singer (1941-2018) - Biography and Life". peoplepill.com (آمريڪي انگريزي ۾). 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Suchibrata Ray, Silpi Dipali Barthakuror 71 Sonkhyok Jonmodin, امر اسوم, 31 January 2012, accessed date: 03-02-2012
- 1 2 "Assamese singer Dipali Barthakur passes away". The Hindu (Indian English ۾). Special Correspondent. 2018-12-22. ISSN 0971-751X. 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: CS1 maint: others (ڳنڍڻو) - ↑ "Musical Minds". enajori.com. اصل نسخو مان 2013-04-10 تي محفوظ ڪيل. 2013-04-12 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Deepali-Borthakur". assamspider.com. 2 April 2013 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "A tribute to marriage of arts & minds - Book on celebrity couple". The Telegraph. 26 December 2003. http://www.telegraphindia.com/1031226/asp/guwahati/story_2719265.asp.
- ↑ "Where Rubies are Hidden - II". Rukshaan Art. 8 July 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Dipali Borthakur Passes Away, اصل نسخو مان 2020-02-15 تي محفوظ ڪيل, 2020-03-10 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "Dipali Barthakur Dies at 77 » Northeast Today". Northeast Today (آمريڪي انگريزي ۾). 2018-12-21. 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Singer Dipali Barthakur passes away, last rite today with state honour". www.thehillstimes.in. 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Dipali Borthakur's last rites with State honour in Guwahati". G Plus (انگريزي ۾). 2020-03-10 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "October 16th, 2010 - October 28th, 2010, The Strand Art Room, Neel Pawan Baruah". ArtSlant. 2013-04-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Rediff On The NeT: Nani Palkhivala, Lakshmi Sehgal conferred Padma Vibushan". Rediff.co.in. 1998-01-27. 2013-04-01 تي حاصل ڪيل.
- ↑ TI Trade (2010-01-18). "The Assam Tribune Online". Assamtribune.com. اصل نسخو مان 2016-03-03 تي محفوظ ڪيل. 2013-04-01 تي حاصل ڪيل.
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- CS1 maint: others
- CS1 Indian English-language sources (en-in)
- CS1 errors: unsupported parameter
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- MusicBrainz سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- 1941ع جون پيدائشون
- 20 هين صدي جا هندستاني ڳائڻا
- 2018ع ۾ وفات
- فن ۾ پدما شري حاصل ڪندڙ
- ويهين صدي جون هندستاني استري ڳائڻيون
- هندستاني لوڪ راڳي
- ڀارتي ناري لوڪ گلوڪارائون
- ويهين صديءَ جون هندستاني ڳائڻيون