ديو ڪنچن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ديو ڪنچن هڪڙو جابلو اُبنوس جي قسم جو وڻ آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ باهينيا چون ٿا. هي وڏي قد جو مضبوط درخت ٿو ٿئي. نومبر جي مهيني ۾ گل ڪندو آهي، جي تمام وڏا ۽ ڳُوڙهي گلابي رنگ جا ٿيندا آهن. ڪچنال جنهن جو اشارو اسان مٿي ڪنهن باب ۾ ڏنو آهي، سو به باهينيا جي جماعت مان آهي. رڳو نالا ٻيا اٿن. باهينيا جا ٻيا به گهڻا قسم آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.