ديوبند سياسي تحريڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو



دهليءَ جا مسلمان ليڊر 1857ع کانپوءِ ٻن سياسي جماعتن ۾ ورهائجي ويا: ڪوآپريٽر ۽ نان ڪوآپريٽر. پهرين جماعت جو ليڊر سر سيد احمد خان ٿيو. عليڳڙهه يونيورسٽي هن جي مرڪزي تعليم گاهه هئي. ٻئين جماعت جو سرواڻ مولانا محمد قاسم ديوبندي ٿيو. دارالعلوم ديوبند سندن علمي ۽ سياسي مرڪز بڻيو. يورپ جي اڄوڪي سائنٽيفڪ اصطلاح ۾ هن کي هڪ سياسي پارٽي نه ٿو چئي سگهجي، پر ملڪ ۾ ان جي قوت ۽ طاقت جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. خلافت تحريڪ ۾ ان جو مظاهرو ٿي چڪو آهي.

مولانا محمد عليءَ کي ڊاڪٽر انصاريءَ شيخ الهند سان ملايو. ان کان پوءِ شيخ الهند پنهنجي جماعت کي مولانا محمد عليءَ جي اڳواڻي هيٺ آڻي ڇڏيو. ان ڏينهن کان هُو هند جي مسلمانن جو اڪيلو اڳواڻ بڻيو ۽ دهليءَ جا ٻئي اسڪول گڏجي هڪ ٿي ويا. ان گڏيل طاقت، نيشنل ڪانگريس کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. پر ان ۾ مرڪزي فڪر انهيءَ نان ڪوآپريٽر ديوبندي اسڪول وارو غالب رهيو.

انهيءَ مجموعي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت مستقل حيثيت رکندي هئي، جيڪو حڪيم اجمل خان سان گڏ مٽجي ويل دهليءَ جو هڪ اهڃاڻ هيو. ماڻهن کي شايد هيءَ به خبر نه هجي ته مولانا شيخ الهند جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر هيو. مولانا تاج محمود امروٽي ۽ حضرت پير جهنڊي وارو پير رشدالله شاهه ۽ ڪراچيءَ جي مدرسي مظهرالعلوم ۽ ڳوٺ پير جهنڊي واري مدرسي دارالرشاد سان واسطيدار عالمن جون جماعتون، سڀئي ديوبندي اسڪول سان واسطو رکن ٿيون. جمعيت علماءِ سنڌ جو سرواڻ مولانا محمد صادق ۽ سندس ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ايم اي ديوبندي اسڪول جا خاص ڪارڪن رهئا.

نان ڪوآپريشن واري تحريڪ جيڪا خلافت واري دؤر ۾ ڪانگريس قبول ڪئي آهي، اُها مدرسي دارالرشاد جي هڪ ديوبندي استاد مولانا نورالحق جي تجويز هئي. مولانا نورالحق پير صاحب جهنڊي واري جو هڪ سيڪريٽري هيو. [1] [2]