ديوان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سانچو:ادب

ديوان (Deewan) فارسي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”ماڻهو جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ.“ مجازا ’ڪچهري‘. اصطلاحي معنيٰ موجب، ڪنهن شاعر جي الف- ب واري قافيي تي جوڙيل غزل جي مجموعي کي ”ديوان“ چئبو آهي. هن جي ڪن غزلن ۾، قافيي جي پٺيان ’رديف‘ به استعمال ڪيو ويندو آهي، پر اهو ضروري نه آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ الف-ب جي 52 (ٻاونجاهه) اکرن جي قافيي تي، پهريون مڪمل ديوان، آخوند گل محمد هالائيءَ جوڙي تيار ڪيو، جو ”ديوان گل“ جي نالي سان سنه 1272هجريءَ ۾ پهريون دفعو بمبئيءَ مان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن کان پوءِ ٻين سنڌي شاعرن به ديوان لکڻ شروع ڪيا. هن وقت سنڌي زبان ۾ اهڙا ڪيترائي ديوان ڇپيل توڙي اڻ ڇپيل صورت ۾ موجود آهن. ”ديوان گل“ کان پوءِ جيڪي ديوان هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ ڇپجي چڪا آهن تن مان ڪن جا نالا هت پيش ڪجن ٿا: ”ديوان قاسم“، ”ديوان بلبل“، ”ديوان قليچ“، ”ديوان بيڪس“، ”ديوان نجفي“، ”ديوان حافظ“، ”ديوان صوفي“، ”ديوان احسن“، ”ديوان عطا“، ”ديوان اسير“، ”ديوان فاضل“، ”ديوان حامد“، ”ديوان فدا“، ”ديوان بيوس“، ”ديوان خاڪي“، ”ديوان قادري“، ”ديوان ڪوجهي“، ”ديوان غلام اڪبر“، ”ديوان انجم“، ”ديوان سانگي“، ”ديوان بيدل“، ”ديوان مجروح“، ”ديوان مسڪين“، ”ديوان واصف“، ”ديوان حفيظ“، ”ديوان مفتون“، ”ديوان سام“ ۽ ”ديوان طالب الموليٰ“.[1]


ديوان (عھدو يا خطاب)[سنواريو]

ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ اوائلي انگريزن جي دؤرن ۾ سرڪاري ملازم جيڪي عامل جي عهدي تي فائز هوندا هئا، انهن کي جڏهن ترقي ملندي هئي تڏهن انهن کي ديوان جي عهدي تي فائز ڪيو ويندو هو. جڏھن انگريزن ملڪ جو نظام سنڀاليو تڏھن لکت پڙھت فارسيءَ ۾ ھلندڙ هئي سرڪاري دفترن آڏو ويٺل عامل ان کي فارسيءَ ۾ لکندا ھئا ۽ انگريز آفيسرن کي وري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنا ويندا ھئا. مطلب ته ديوان پنهنجي دؤر جا ڪامورا هوندا هئا. مثال طور ديوان ننديرام، ديوان اڌارام.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.