دوپھري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دُوپهري هندستان جو ڏيهي گل آهي. سارين جي پوکن ۾ به ڄمندو آهي، مگر آهي باغ ۾ رکڻ جو لائق. هن جي ٿڙ واري ڏانڊي کڙي تڙي ٿي ٿئي ۽ ٻه فوٽ وڏي ٿيندي آهي. تمام سهڻا ڳوڙها ڳاڙها گل ڪندو آهي. اڇن گلن جو به هڪڙو قسم ٿيندو آهي. ٻج جولاءِ ۾ پوکڻ گهرجي. سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ هي گل جهلي ٿو. اُتر هندستان ۾ ٻج مارچ ۾ پوکي سگهجي ٿو ۽ اهو اونهاري ۾ گل ڪندو. انگريزيءَ ۾ پينٽاپٽيز چونس ٿا ۽ هندستانيءَ ۾ دوپهريا. دوپهري شايد انهيءَ ڪري چونس ٿا، جو گل ٻن پهرن جو کلن ٿا، يا ته ٻه پهر جٽاءُ ڪن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو