دوستن جا قسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انجيل مقدس (The Holy Bible) ۾ ڄاڻايل آھي ته ” اي خداوند! مونکي منھنجن دوستن کان بچاءِ! “ چوندا آھن ته دل جي خبر ھڪ چوندڙ کي ٻي دلين جي مالڪ کي. چوڻيون ۽ ڪھاڻيون به وقت ۽ حالتن سان پيون ڦرن، خيال ۽ ويچار ھر ھڪ دور ۾ مختلف طرحن سان ٿا گھڙجن ۽ جڙن ، ھر ھڪ دين ۽ ڌرم ۾ الڳ الڳ پھاڪا ۽ اصطلاح پيا ايجاد ٿين.

دنيا ۾ دوست ٽن قسمن جا چيا وڃن ٿا.

  • زباني
  • ناني
  • جاني

زباني جي نالي چيو وڃي ٿو ، ته انھن سان مروت ، مھرباني ۽ خُلق سان پيش اچو ۽ ان کان اڳتي نه وڌو.

ناني کي ماني ٽڪر کارائي، مھمانداريءَ جا حق ادا ڪري، خدا حافظ چئو.

جانيءَ جي مٿان سر ساھ صدقي ڪيو.

ظاھر آھي ته ايڏي ساري پاڪ آسماني ڪتاب ۾ ارشاد، پھرين ٻن قسمن جي دوستن لاءِ نه آھي، ڇا لاءِ جو اھو ھڪ کليل راز آھي، ته انھن مان لاڀ ليکي جي اميد ڪانھي . پر ھيءَ منشا ۽ مراد ٽئين قسم جي دوستن لاءِ آھي جن جي سچائيءَ ۾ رتي ماتر به ڦير ڪونھي. [1] [2]


  1. ڪچ ڪوڏيون (فڪري مضمون) (سيد عطا حسين موسوي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-20 
  2. ڪتاب: ڪچ ڪوڏيون