دوزخ جو دروازو
ڏيک
دوزخ جو دروازو Darvaza gas crater | |
---|---|
گيس ٻرڻ واري مقام جو منظر جتي 2011 کان باھ ٻري رهي آهي | |
ترڪمانستان ۾ گيس ڪريٽر دروازو جنھن کي باھ ٻرڻ جي ڪري دوزخ جو دروازو | |
ملڪ | ترڪمانستان |
علائقو | درواز، اھل صوبو |
آف شور /آن شور | آن شور يا زمين تي |
جاگرافيائي بيھڪ | 40°15′09″N 58°26′23″E / 40.2525°N 58.4396°E |
کوھ جي تاريخ | |
دريافت | 1971 |
ترڪ | 1971 |
دوزخ جو دروازو: (Door to Hell) ترڪمانستان جي صوبي آخال جي ڳوٺ دروازي ۾ قدرتي گئس جو ميدان آهي، جيڪو 1971ع ۾ ٽٽي هڪ وڏي کڏ ۾ تبديل ٿي ويو هو. ان کان پوءِ جيالوجي جي ماهرن اتان نڪرندڙ گيس کي باهه ڏئي ڇڏي ته جيئن نڪرندڙ گئسن جي زهريلن اَثرن کان بچي سگهجي. هن کڏي جو قطر 69 ميٽر ۽ اونهائي ٽيهه ميٽرن جي لڳ ڀڳ آهي. هي علائقو هاڻي هڪ مشهور سياحتي هنڌ بڻجي چڪو آهي ۽ گذريل پنجن سالن ۾ پنجهاهه هزارن جي لڳ ڀڳ سياح هتي اچي چڪا آهن، جڪي هتي ڀرپاسي جي ويران ريگستان ۾ ڪيمپنگ به ڪن ٿا.