دودو گاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دودو گاھ (نالا — پنجابي: کوي گهاس، سنسڪرت: روهش، بنگالي: رويشل، هندي ۽ اردو: روسا گهاس، انگريزي: Cymbopogon martinii) هڪڙي قسم جو گاھ آهي، جنهن کي هٿ ۾ مهٽجي تہ مزيدار خوشبوءِ نڪري ٿي. هن جا پن ٻوڙي جي پنن جئان ٿين ٿا، ڪيمياگر سندس تلاش ۾ پريشان رهندا آهن. رنگ ۾ سبز ۽ سهڻو ٿئي ٿو. ذائقي ۾ تلخ ۽ تيز آهي (کل ۽ زبان جا ڦٽ پيدا ڪري ٿو).

طب[سنواريو]

مزاج: گرم 3 درجي ۾، خشڪ 2 درجي ۾.
پيدائش: سنٽرل انڊيا، راجپوتانا ۽ يو پي.

هن جي پنن مان تيل نڪري ٿو، جنهن جو تجارتي نالو ردسا آئل مشهور آهي. (هي صابڻ ۽ عطر سازي ۾ ڪم اچي ٿو) دوا طور ريح وڃائيندڙ، آڪڙ هٽائيندڙ ۽ پيٽ جي آڦري ۽ قولنج لاءِ مستعمل ۽ مفيد آهي.

هن جي رس ۾ قلعي ڪشتو ٿئي ٿو، جنهن کي دم يا اسٿيما، (Asthima) کنگھ، موسمي بخارن ۽ بلغمي بيمارين لاءِ ڪتب آڻيندا آهن. هن کي چانھ وانگي ڪاڙهي پيارجي تہ زڪام، بخار ۽ انفلوئنزا لاءِ فائديمند آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.