دنبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
افغاني ريڍار دنبي سان گڏ

دنبو (نالا: ع. اليه، ف. ڪيش، هه. دنبه ۽ قوبروق.) ھڪ پالتو جانور جيڪو ٿلھي پڇ وارو ھوندو آھي ۽ رڍن جي جنسن جو دنيا ۾ چوٿون حصو آهي[1] عام طور تي اتر آفريڪا، وچ اوڀر، پاڪستان، افغانستان، اتر انڊيا صوماليا ۽ اولھ چين ۾ ملندو آھي.[2] وچ ايشيا ۾ بہ ڪثرت سان ملي ٿو.[3] ھن جانور جي چرٻي پٺئين حصي ۾ پڇ واري جاء تي گڏ ٿيندي آهي.[4][5] جنھن ڪري ان جو پڇ ڏاڍو ٿلھو ٿيندو آهي .[4] ھن جانور جي قديم ترين موجودگي 3000 ق م اڳ اروڪ ۽ ار ۾ ثابت آھي. ان جو ذڪر بائيبل ۾ پڻ ٿيل آهي.

دنبي جي گوشت جو وڪرو

طب[سنواريو]

اثر: گرم تر، نقصان: دير هضم، ميل: سرڪو، عيوض: گهيٽو، وزن: قدر موافق. سڃاڻپ: مشهور جانور آهي.

خاصيت: هن جو گوشت بدن کي ٿلهو ڪري ٿو، ٽينج ڪاٺي، عاقرقرحو ۽ ڪارن مرچن سان رڌي حل ڪري کائجي ته سنڌن جي سور ۽ عرق النسا جي سور لاءِ مفيد آهي. هن جي دنب (پڇ) جي چربي عضون جي سيٽجڻ، خنازير، ڪنڌ جي ور، نبضن جي سيٽجڻ ۽ سور وارين جاين تي ٻڌڻ گهرجي، هن جي پتي وارو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ جي اک ۾ وجهڻ گهرجي، جيڪو رات جو نه ڏسندو هجي.[6]

حوالا[سنواريو]

  1. Davidson, Alan (1999). Oxford Companion to Food. Oxford: Oxford University Press. pp. 290–293. ISBN 978-0-19-211579-9. 
  2. Rigby, C. P (1867). "On the Origin of the Somali Race, Which Inhabits the North-Eastern Portion of Africa". Transactions of the Ethnological Society of London 5: 91. doi:10.2307/3014215. 
  3. Reay Tannahill, 1973, Food in History p. 62 and 176. ISBN 0-8128-1437-1
  4. 4.0 4.1 Jill Tilsley-Benham (1987): “Sheep with Two Tails: Sheep's Tail-Fat as Cooking Medium in the Middle East.” (Pages 47–48, see google books) In: Tom Jaine (ed.), The Cooking Medium, proceedings of the Oxford Symposium on Food and Cookery 1986, London, Prospect Books 1987. ISBN 090732536X. Retrieved 13 October 2017
  5. سانچو:Cite-efron
  6. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو