مواد ڏانھن هلو

دمو (ساھه جي بيماري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دمو يا اسٿما
Asthma
Two white plastic tubes with movable dials on the front
Peak flow meters are used to measure the peak expiratory flow rate, important in both monitoring and diagnosing asthma.[1]
مھارت Pulmonology
آثار بار بار ساھه ۾ سيٽي جو وڄڻ، کنگھه، ڇاتيءَ جي مونجھ ۽ سھڪو ٿيڻ[2]
مدو Long term[3]
ڪارڻ جينياتي ۽ ماحولياتي[4]
خطري جي گنجائش Air pollution, allergens[3]
تشخيصي طريقو Based on symptoms, response to therapy, spirometry[5]
علاج Avoiding triggers, inhaled corticosteroids, salbutamol[6][7]
ورجاء 358 million (2015)[8]
موت 397,100 (2015)[9]

دمو، اڀساھي يا سھڪو، انگريزي ۾ ايسٿما (asthma) پر لکبو آهي، ھڪ ڊگھي مدت واري ڦڦڙن جي بيماري آهي، جيڪا ڦڦڙن ۾ ساھه جي لنگھن ۾ سوزش پيدا ڪندي آهي ۽ انھن کي سوڙھو ڪري ڇڏيندي آهي. ان سان بار بار ساھه ۾ سيٽي وڄندي آهي، ڇاتيءَ ۾ تنگي، ساھه ۾ سھڪو ۽ کنگھه ٿيندي آهي. کنگھه اڪثر رات جو يا صبح جو سوير ٿيندي آهي. دمي جي بيماري ھر عمر ۾ ٿي سگھي ٿي پر اڪثر اھا ننڍپڻ ۾ شروع ٿيندي آھي. آمريڪا ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو دمي جي بيماري ۾ مبتلا آھن جن ۾ اسي لک ٻار به شامل آهن.[10]

دمي جي بيماري علاج سان ختم نہ ٿي سگھندي آهي، پر علاج سان ان جا ظاھر ٿيندڙ آثار (sumptoms) ختم ڪري سگھجن ٿا، جن ۾ کنگھه، ساھه جي تنگي، سيني ۾ سور٬ ساھه ٻاھر ڪڍڻ وقت سيٽي جو وڄڻ وغيره شامل آهن. اسٿما جي ٿيڻ جا مختلف سبب ھوندا آھن ھڪ سبب سرد ۽ خشڪ موسم ۾ ورزش ھوندو آھي. ٻيو ڪنھن خاص پيشي جي ڪري جنھن ۾ دمو پيدا ڪندڙ ڪيميائي مادا، گئسون، دونھون يا مٽي لڳڻ ڪري ماڻھو متاثر ٿيندو آهي. ٽيون سبب الرجي ھوندو آھي.[11]

دمي جو علاج

[سنواريو]

دمي جي علاج ۾ ھوا جي نالين کي ڪشادي ڪرڻ واريون دوائون شامل ھونديون آھن. آھي دوائون گورين جي صورت بہ ھونديون آھن پر سڌو سنئون انھن دوائن کي ڦڦڙن ۽ ھوا جي نالين تائين پھچائڻ لاءِ انھيلر ۽ نيبولائيزر استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي وڌيڪ اثرائتا ھوندا آھن. ان کان علاوه بلغم ڪڍڻ واريون ۽ اينٽي الرجڪ دوائون به شامل ھونديون آھن. دمي جو علاج ويڪسين ذريعي به ٿيندو آهي، جنھن جو مدو ڇھ مھينا آھي، پوء به ان جو نتيجو سؤ فيصد صحتيابي نه ھوندو آھي. ڪن صورتن ۾ دمي جو علاج اسٽرائيڊز جي ذريعي بہ ٿيندو آهي پر ان جا منفي اثر وڌيڪ ٿيندا آهن. دمي جو علاج يوگا ذريعي بہ ٿيندو آهي جو مفيد آهي. ان ذريعي مخصوص مشقون ڪرايون وينديون آهن. چين ۾ دمي جو علاج آڪيوپنڪچر جي ذريعي بہ ٿيندو آهي.[12]

پال گارب جو چوڻ آهي تہ جيستائين دمي جي سبب جي ڄاڻ نہ ٿي پئي تيستائين دمي کي ڦھلجڻ کان به روڪي نہ ٿو سگهجي. دمي جي سڃاڻپ کانپوءِ دمي جي علامتن کي ظاھر ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو.[13] آمريڪا جي خوراڪ ۽ دوائن جي سرڪاري اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (FDA) جو منظور ڪيل نئون علاج جو طريقو، جن کي برونڪائل ٿرمو پلاسٽي (Bronchial Thermoplasty) سڏبو آهي، جنھن ۾ تپش جي ذريعي مريض جي ھوا جي نالين کي وڏو ڪيو ويندو آهي، پر "ڊاڪٽر کتري" جو چوڻ آهي تہ ان طريقي جي علاج سان ڦڦڙن ۾ سوزش ۽ دمي جي شدت ۾ واڌارو بہ ٿي سگھي ٿو.[13]

حوالا

[سنواريو]
  1. GINA 2011, p. 18
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named bts2009p4
  3. 3.0 3.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named WHO2013
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Martinez2007
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Lemanske2010
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NHLBI07p169
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NHLBI07p214
  8. GBD 2015 Disease and Injury Incidence and Prevalence, Collaborators. (8 October 2016). "Global, regional, and national incidence, prevalence, and years lived with disability for 310 diseases and injuries, 1990–2015: a systematic analysis for the Global Burden of Disease Study 2015.". Lancet 388 (10053): 1545–1602. doi:10.1016/S0140-6736(16)31678-6. PMID 27733282. 
  9. GBD 2015 Mortality and Causes of Death, Collaborators. (8 October 2016). "Global, regional, and national life expectancy, all-cause mortality, and cause-specific mortality for 249 causes of death, 1980–2015: a systematic analysis for the Global Burden of Disease Study 2015.". Lancet 388 (10053): 1459–1544. doi:10.1016/S0140-6736(16)31012-1. PMID 27733281. 
  10. {{https://www.nhlbi.nih.gov/health-topics/asthma} Asthma (AZ-ma) is a chronic (long-term) lung disease that inflames and narrows the airways. Asthma causes recurring periods of wheezing (a whistling sound when you breathe), chest tightness, shortness of breath, and coughing. The coughing often occurs at night or early in
  11. {https://www.mayoclinic.org/diseases-conditions/asthma/symptoms-causes/syc-20369653}
  12. {http://www.desiherbal.com/%D8%AF%D9%85%DB%81-%DA%A9%D8%A7-%D8%B9%D9%84%D8%A7%D8%AC/}
  13. 13.0 13.1 {http://www.youtube.com/embed/eQbhtDzFrdU___urduvoa.com}