دم (بيماري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ايزما_Asthma
Two white plastic tubes with movable dials on the front
Peak flow meters are used to measure the peak expiratory flow rate, important in both monitoring and diagnosing asthma.[1]
مھارت Pulmonology
آثار بار بار ساھ ۾ سيٽي جو وڄڻ، کنگھ ، ڇاتيءَ جي مونجھ ۽ سھڪو ٿيڻ[2]
مدو Long term[3]
ڪارڻ جينياتي ۽ ماحولياتي[4]
خطري جي گنجائش Air pollution, allergens[3]
تشخيصي طريقو Based on symptoms, response to therapy, spirometry[5]
علاج Avoiding triggers, inhaled corticosteroids, salbutamol[6][7]
ورجاء 358 million (2015)[8]
موت 397,100 (2015)[9]

دميا اڀساھي يا سھڪو (انگريزي ۾ ائزما يا ايسما پر لکبو asthma) ھڪ ڊگھي مدت واري ڦڦڙن جي بيماري آهي جيڪا ڦڦڙن ۾ ساھ جي لنگھن ۾ سوزش پيدا ڪندي آهي ۽ انھن کي سوڙھو ڪري ڇڏيندي آهي. ان سان بار بار ساھ ۾ سيٽي وڄندي آهي، ڇاتيءَ ۾ تنگي، ساھ ۾ سھڪو ۽ کنگھ ٿيندي آهي. کنگھ اڪثر رات جو يا صبح جو سوير ٿيندي آهي. دم جي بيماري ھر عمر ۾ ٿي سگھي ٿي پر اڪثر اھا ننڍپڻ ۾ شروع ٿيندي آھي.آمريڪا ۾ اڍائي ڪروڙ ماڻهو دم ۾ مبتلا آھن جن ۾ اسي لک ٻار به شامل آهن.[10] دم جي بيماري علاج سان ختم نہ ٿي سگھندي آهي پر علاج سان ان جا ظاھر ٿيندڙ آثار sumptoms ختم ڪري سگھجن ٿا جن ۾ کنگھ، ساھ جي تنگي ، سيني ۾ سور٬ ساھ ٻاھر ڪڍڻ وقت سيٽي جو وڄڻ وغيره شامل آهن.ائيزما جي ٿيڻ جا مختلف سبب ھوندا آھن ھڪ سبب سرد ۽ خشڪ موسم ۾ ڪثرت يا ورزش ھوندو آھي.ٻيو ڪنھن خاص پيشي جي ڪري جنھن ۾ دم پيدا ڪندڙ ڪيميائي مادا، گئس، دونھون يا مٽي لڳڻ ڪري ماڻھو متاثر ٿيندو آهي. ٽيون سبب الرجي ھوندو آھي.[11]

دم جو علاج[سنواريو]

دم جي علاج ۾ ھوا جي نالين کي ڪشادي ڪرڻ واريون دوائون شامل ھونديون آھن. آھي دوائون گورين جي صورت بہ ھونديون آھن پر سڌو سنئون انھن دوائن کي ڦڦڙن ۽ ھوا جي نالين تائين پھچائڻ لاءِ انھيلر ۽ نيوبلائيزر استعمال ڪيا ويندا آهن جيڪي وڌيڪ اثرائتا ھوندا آھن. ان کان علاوه بلغم مخرج بلغم يا بلغم ڪڍڻ واريون ۽ اينٽي الرجڪ دوائون به شامل ھونديون آھن. دم جو علاج ويڪسين ذريعي به ٿيندو آهي جنھن جو مدو ڇھ مھينا آھي پوء به ان جو نتيجو سؤ فيصد صحتيابي نه ھوندو آھي.ڪن صورتن ۾ دم جو علاج اسٽرائيڊز جي ذريعي بہ ٿيندو آهي پر ان جا منفي اثر وڌيڪ ٿيندا آهن .دم جو علاج يوگا ذريعي بہ ٿيندو آهي جو مفيد آهي. ان ذريعي مخصوص مشقون ڪرايون وينديون آهن. چين ۾ دم جو علاج آڪيوپنڪچر جي ذريعي بہ ٿيندو آهي.[12] پال گارب جو چوڻ آهي تہ جيستائين دم جي سبب جي ڄاڻ نہ ٿي پئي تيستائين دم کي ڦھلجڻ کان به روڪي نہ ٿو سگهجي. دم جي سڃاڻپ کانپوءِ دم جي علامتن کي ظاھر ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو.[13]. آمريڪا جي خوراڪ ۽ دوائن جي سرڪاري اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن جو منظور ڪيل نئون علاج جو طريقو برونڪائل ٿرموپلاسٽي (Bronchial Thermoplasty) سڏبو آهي جنھن ۾ تپش جي ذريعي مريض جي ھوا جي نالين کي وڏو ڪيو ويندو آهي پر ڊاڪٽر کتري جو چوڻ آهي تہ ان طريقي جي علاج سان ڦڦڙن ۾ سوزش ۽ دم جي شدت ۾ واڌارو بہ ٿي سگھي ٿو.[13].

حوالا[سنواريو]

  1. GINA 2011, p. 18
  2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named bts2009p4
  3. 3.0 3.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named WHO2013
  4. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Martinez2007
  5. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Lemanske2010
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NHLBI07p169
  7. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named NHLBI07p214
  8. GBD 2015 Disease and Injury Incidence and Prevalence, Collaborators. (8 October 2016). "Global, regional, and national incidence, prevalence, and years lived with disability for 310 diseases and injuries, 1990–2015: a systematic analysis for the Global Burden of Disease Study 2015.". Lancet 388 (10053): 1545–1602. doi:10.1016/S0140-6736(16)31678-6. PMID 27733282. 
  9. GBD 2015 Mortality and Causes of Death, Collaborators. (8 October 2016). "Global, regional, and national life expectancy, all-cause mortality, and cause-specific mortality for 249 causes of death, 1980–2015: a systematic analysis for the Global Burden of Disease Study 2015.". Lancet 388 (10053): 1459–1544. doi:10.1016/S0140-6736(16)31012-1. PMID 27733281. 
  10. {{https://www.nhlbi.nih.gov/health-topics/asthma} Asthma (AZ-ma) is a chronic (long-term) lung disease that inflames and narrows the airways. Asthma causes recurring periods of wheezing (a whistling sound when you breathe), chest tightness, shortness of breath, and coughing. The coughing often occurs at night or early in
  11. {https://www.mayoclinic.org/diseases-conditions/asthma/symptoms-causes/syc-20369653}
  12. {http://www.desiherbal.com/%D8%AF%D9%85%DB%81-%DA%A9%D8%A7-%D8%B9%D9%84%D8%A7%D8%AC/}
  13. 13.0 13.1 {http://www.youtube.com/embed/eQbhtDzFrdU___urduvoa.com}