دمريلا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
دمريلا
Lua error in ماڊيول:Location_map at line 422: No value was provided for longitude.
ٻيو نالو درملہ
مقام نامعلوم
علائقو سنڌ ۽ مڪران جي سرحد
قسم قديم ڦٽل شھر
تاریخ
دور سومرن جو دور
ثقافت سنڌي مسلمان
رھائش پذير سنڌي


دمريلا(انگريزي: Damrela) هيءُ شهر ديبل جي ضلعي ۾ هو ۽ سومرن جو شهر هو. سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ باغي طعي هن شهر ۾ سومرن وٽ پناهه ورتي هئي. محمد تغلق سنه 744ھ سن 1343ع ڌاري محمد تغلق طغي جو پيڇو ڪندي گجرات جي شهر گوندل کان دمريلا پهتو هو، جتي بخار وگهي دم ڏنائين. علامه دائود پوٽه صاحب لکي ٿو ته: دمريلا ديبل جي ويجهو هو، جيئن تاريخ جهان ڪشاء مان واضح ٿئي ٿو. ضياءَ الدين برني انهيءَ کي ٻن جاين تي مريلا ۽ هڪ جاءِ تي دمريلا لکي ٿو (تاريخ فيروز شاهي برني ص 669- 523) اسان جي گمان ۾ دمريلا مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تي هو. فرشته (ج 2 ص 604- 605) محمد بن قاسم جي حملي جو بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”ازميان مڪران شده بديون و درمل ڪه سرحد ديبل است، آمد مڪران مان ٿيندو ديون ۽ درملا ۾ آيو جا ديبل جي سرحد آهي. اهو درمله ضرور دمريلا آهي. جنهن ڦير گهير سبب هيءَ صورت ورتي آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. {(مهراڻ- نمبر پهريون 1974ع صفحه 132، بحواله ڊاڪٽر دائود پوٽه تاريخ معصومي – تعليقات- فوٽ نوٽ ص 335 (سنڌي ترجمه(ii) تاريخ تمدن سنڌ ص 359).}
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سومره سنڌ مصنف؛ وزير علي ايڊيشن: ڇاپو پهريون ايڊيشن؛ مارچ 2001ع ڇپائيندڙ؛ ابن اسماعيل سومره پبليڪيشن جڙيا پور چڪس