درٻاري ليکڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درٻاري ليکڪ (Court - Writer) اهو ليکڪ جيڪو حڪمرانن جي شان ۾ قصيدا ڳائي، چمچا گيري ڪري. سندن هر پاليسيءَ جي حمايت ڪري، مضمون ۽ ڪھاڻيون لکي ۽ شاعري ڪري. هي ليکڪ پنھنجي ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪندا آهن، اگر حڪمرانن جون پاليسيون عوام جي خلاف هونديون ۽ درٻاري ليکڪ ان جي حمايت ۾ لکندو آهي تہ هن قسم جا اديب قوم ۽ ٻوليءَ جا غدار سڏيا ويندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.