دريائي ناريل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دريائي ناريل (ٻيا نالا: عربي: ناريل بحري، فارسي: نارگيل آئي، ھندي، وغيره: کوپره دريائي ۽ طرنيم) ناريل جي نموني پر ڪجهہ وڏو ٿئي ٿو. هن جو اندريون مغز سخت ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

اثر: گرم خشڪ 1، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: سرکنڊ جي ڪاٺي، عيوض: زهر مھرو، وزن: هڪ ماسو.

خاصيت: اهو اندريون سخت ڳڀ گلاب جي پاڻيءَ ۾ گهي پيارجي تہ، اُلٽين، وبائي دستن، خراب خلطن، زهردار هوا جي اثر، زهرن، گرم تپن، صفرا، جگر جي گرمي، گهڻي اُڃ، وڇون ۽ نانگ جي زهر لاءِ مفيد آهي، دل ۽ دماغ کي تقويت ڏيندڙ ۽ خوش ڪندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.