درمڻو ترڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درمڻو ترڪي (عربي: شيخ خراساني، سرحدي: جھان، بلوچي: ترخس پيڙا، اردو ۽ فارسي: درمند ۽ جوهري اجوائن، لاطيني: آرٽي ميسيا ميري ٽيما (Artemisia maritima)) هڪڙي قسم جو گاھ آهي، جنھن جا پن سوئن جئان ٿين ٿا. سندس ٻج گرڦي جي ٻج جئان ٿئي ٿو. هن جي سڪل مکڙين مان هڪ جوهر سينٽونين نڪري ٿو. گلن جو رنگ هيڊو ڳاڙهو ۽ پنن جو ڀورو ٿيندو آهي، ذائقي ۾ تلخ ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

مزاج: گرم 3 خشڪ 3 ٿئي ٿو. بدل: افسنتين ۽ سداب. مقدار خوراڪ: هڪ کان ٽن ماسن تائين.

پيدائش: ڪورم ايجنسي (سرحد)، بلوچستان وغيره. هن جو، جوهر اڳ روسي ترڪستان مان ايندو هو، هاڻ ڪشمير ۾ تيار ٿئي ٿو.

خاصيت: هي سوڄ کي نيسائيندڙ ۽ ڦٽ ڇٽائيندڙ آهي. هن کي ماڙ زيتون جي تيل ۾ ملائي وارچري (Alopecia) تي لڳائيندا آهن، پيٽ جي ڪينئن مارڻ لاءِ زبردست تاثير رکي ٿو، جنهن لاءِ هن جو ڪاڙهو پياريو ويندو آهي.

درمڻي جي سڪل مکڙين مان هڪ قلمي جوهر سنٽونين (Santonine) نالي نڪري ٿو جو ايلوپيٿي ۾ ڪتب ايندڙ ۽ نهايت ڪارآمد آهي. جلندر جي سوڄ ۽ ڳنڍيل تپن لاءِ فائديمند، حيض ۽ پيشاب کوليندڙ آهي. فاسد خلطن کي دستن ذريعي نيڪال ڪري ٿو ۽ هن سان طبيعت نرم ٿئي ٿي. (پاڻ غير سمي آهي مگر سندس جوهر قاتل زهر ٿئي ٿو.).[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.