دخلڪار رياست

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دخلڪار رياست يا پينيٽريٽيڊ اسٽيٽِ (Penetrated State) هڪ اهڙو اصطلاح آهي جيڪو اڄوڪي دور ۾ بين الاقوامي لاڳاپن جي اهميت کي ڏسندي، هر ملڪ جي خاص معاشي، سياسي، تعليمي، فوجي ۽ معاشرتي معاملن کي هلائڻ لاءِ ڪن ادارن يا ٻين ملڪن کي اجازت ڏيندو آهي ته اُهي طئي ٿيل حدن تائين دخل ڏيندي سندس سهائتا ڪن. هاڻي دنيا گلوبل وليج ٿيڻ کان پوءِ ايتري ويجهي ٿي چُڪي آهي جو ان ۾ اها ڳالهه لڳ ڀڳ اڻٿيڻي ٿي چڪي آهي، ته ڪو به ملڪ ٻين ملڪن يا ادارن کي پنهنجي پاليسن/ترجيحن ۾ هٿ ونڊائڻ کان جهلي، ڇاڪاڻ ته بين الاقوامي سرشتو هڪٻئي جي ضرورتن کي سمجهڻ ۽ مناسب نموني سهڪار جي اصول تي بيٺل آهي. مثال طور: اوڀر يورپ ۾ سربيا ۽ ڪوسوو جي وچ ۾ ٿيل تڪرار دوران يورپي يونين 2008ع جي شروع ۾ فوجي مداخلت ذريعي بحران حل ڪري ڪوسوو کي آزادي ڏياري. ان کانپوءِ ڪوسوو جي سرڪار يورپي يونين جي ميمبرشپ وٺي، يونين کي اها به اجازت ڏني ته اها ڪوسوو ۾ مُختلف شعبن ۾ سڌارن ۾ سهڪار سميت بين الاقوامي معاملن ۾ سندس مدد ڪري . پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي سبب اڄ تائين به ڪوسوو جي هر پاليسيءَ جي جوڙجڪ ۾ يورپي يونين پنهنجو طئي ٿيل ڪردار ادا ڪندي رهي ٿي. [1]

حوالا[سنواريو]