دالچيني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

دالچيني يا دارچيني به هتي پوکڻ ۾ نه ايندي آهي. واپار جي شين وانگي ٻاهرين ملڪن کان ايندي آهي. خوشبوءِ جي لاءِ پلاءَ ۾ يا کاڌي جي ڪن ٻين قسمن ۾ وجهبي آهي، شربت به هن جو ٺاهيندا آهن. هيءَ وڻ جو ڇوڏو اهي. انهيءَ جي پنن ۾ به اهڙي خوشبوءِ ٿيندي آهي مگر سندس گلن ۾ خراب باس ٿيندي آهي. اهي گل ننڍڙا اڇڙا ٿيندا آهن.دالچينيءَ کي انگريزيءَ ۾ سنامن چون ٿا.[1]

طب[سنواريو]

نالا: ع. دارصيني، ف. دارچيني، هه. وغيره___ فيمونيا، مرسلون ۽ سهرين. اثر: گرم خشڪ 3، نقصان: مثاني کي، ميل: آسارون ۽ ڪتيرو، عيوض: ڪباب چيني، وزن: هڪ کان ٽي ماسا. سڃاڻپ: گهاٽي ڳاڙهي رنگ تي ويڙهيل سڪل ڇوڏا ٿين ٿا، جيڪي ذائقي ۾ مٺا ۽ تيز ٿيندا آهن. خاصيت: دل ۽ دماغ کي خوش ڪن ٿا، حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪن ٿا، حمل ڪيرائي ٿي. وائي باديءَ کي تحليل ڪري ٿي. کنگهه، خفقان، جلندر چريائي، وسواس، جگر جي سدن، ٻرهل، گردي جي سور لاءِ مفيد آهي. آواز کي صفا ڪري ٿي. وات جي خوشبوءِ پيدا ڪري ٿي. دماغ جي رطوبت کي سڪائي ٿي، قوت باهه ۽ مني وڌائي ٿي، سرد مزاج وارن کي مفيد آهي، ٻنڌين ۽ اکين جي بيمارين ۾ فائدو ڪري ٿي..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: ۲۰۰۷؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو