دارالارشاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مولانا ابوالڪلام آزاد آگسٽ 1915ع ۾ مولوي عبيدالله (مولانا عبيدالله سنڌي) جي مشوري کان پوءِ، نظارت المعارف القرآنيه جي طريقي تي ڪلڪتي ۾ مدرسو قائم ڪيو. جنهن جو نالو دارالارشاد (دارالرشاد) رکيائين، ان مدرسي ۾ ابوالڪلام آزاد قرآن جي تعليم جو درس ڏيندو رهندو هو.

ابوالڪلام آزاد جن ماڻهن کي ملازم رکيو هو، انهن مان هڪ مولوي مظهرالدين کان هڪ عربي ڪتاب ”الخواطر في الاسلام“ (اسلام جي رستي جون رڪاوٽون) جو ترجمو ڪرايو ويو. ترجمون مڪمل ٿي ويو ۽ ابوالڪلام آزاد مارچ 1916ع ۾ ان جي اشاعت پنهنجي اخبار البلاغ ۾ شروع ڪري ڏني.

ان وقت برطانوي حڪومت هند، ابوالڪلام آزاد جي چرپر تي پابنديون لڳائي ڇڏيون، جنهن جي ڪري اخبار جي ڇپائي بند ٿي ويئي. ان ڪتاب جي ذريعي بادشاهه معظم جي دشمن ترڪن جي حق ۾ هند جي مسلمانن جي همدرديءَ وارن جذبن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.

مولانا عبيدالله سنڌي وانگر ابوالڪلام آزاد جي درس ۾ به سچن مسلمانن تي جهاد جي فرض جي باري ۾ زور ڏنو ويو . (ابوالڪلام آزاد جي) تقريرن جي يادداشتن جا جيڪي مجموعا شاگردن تيار ڪيا هئا. انهن مان ڇهه مجموعا، در ڀنگه جي شاگرد مولوي نورالهدا يادداشتون تيار ڪيون.

ابوالڪلام آزاد جي ليڪچرن جا نوٽ جيڪي نورالهديٰ تيار ڪيا، ڪلڪتي جي پوليس 1915ع ۾ اڌاري اهي نوٽ بوڪ کڻي انهن جو مڪمل نقل ڪري ڇڏيو، هاڻي اهو ئي نقل انهن يادگيرين جو باقي آهي، ڇو ته نورالهدا موجب ان ڊپ ۾ اچي اصل نوٽ بوڪن کي ضايع ڪري ڇڏيو.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ (ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-19 
  2. ڪتاب: تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ، ليکڪ: ڊاڪٽر ابوسلمان شاهه جهانپوري