خيردالان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
خيردالان
Xırdalan

خيردالان
Skyline of خيردالان Xırdalan
خيردالان Xırdalan is located in Azerbaijan
خيردالان Xırdalan
خيردالان
Xırdalan
جاگرافي بيهڪ: 40°26′55″N 49°45′23″E / 40.44861°N 49.75639°E / 40.44861; 49.75639مڪانيت: 40°26′55″N 49°45′23″E / 40.44861°N 49.75639°E / 40.44861; 49.75639
ملڪ  آذربائيجان
ضلعو ابشرون ريئن
شھر جو قيام 2006
پکيڙ
 • ڪل 47 ڪ.م2 (18 ميل2)
بلندي 50 ميل (160 ft)
آبادي (2014)
 • ڪل 95,200

خيردالان(انگريزي: Xirdalan ) يا (انگريزي: Khirdalan) آذربائيجان جي صوبي ابشرون معاشي ريجن جي ضلعي يا ريئن ابشرون جو ضلعي صدر مقام آھي جنھن جي آبادي 95,200 آهي[1]. ھي شھر پھرين ھڪ ننڍڙي آبادي ھئي جنھن کي 29 نومبر 2006ع ۾ آذربائيجان جي نيشنل اسيمبلي پاران شھر جو درجو ڏنو ويو[2]. آذربائيجان جي بيئر جو سڀ کان وڏو ڪارخانو ھن شھر ۾ آھي. ان جي بيئر جو نالو پھرين خيردالان بيئر ھيو ھاڻي بالٽيڪا باڪو جي نالي سان تيار ٿئي ٿو[3]. 2007 ۾ ھن شھر ۾ مصر جي صدر حسني مبارڪ جو مجسمو لڳايو ويو هو[4]. سوويت آذربائيجان واري دؤر جو مشھور شاعر ۽ ناول نگار نبي حازري جو تعلق ھن شھر سان آهي.

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://pop-stat.mashke.org/azerbaijan-cities.htm
  2. Khirdalan settlement receives a city status
  3. Baltika-Baku آرڪائيو ڪيا ويا June 17, 2009, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  4. "Азербайджанская оппозиция ополчилась на памятник Мубараку близ Баку". "Лента.Ру".