خيالي لکت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خيالي لکت يا انوماني لکت (Ideographic Writing) تصويري لکت وسيلي، انساني جذبن جي ترجماني نٿي ڪري سگھجي. ان قسم جي اظھار لاءِ اھڙين تصويري لکتن کي ذريعو بڻايو ويو، جنھن ۾ مقصد سان گڏ ترجماني به شامل ھئي. مثال طور سج لاءِ سج جي چمڪندڙ تصوير ته تصويري لکت چئبي، پر ڏينهن يا روشنيءَ جو خيال ظاهر ڪرڻ لاءِ سج نڪرندڙ ڪرڻا ڏيکاريا وڃن. رات لاءِ چنڊ ستارا، اک مان ڳوڙھا ڪرڻ يعني ڪنھن جو روئڻ، مطلب ته اھڙيون تصويرون جوڙيون ويون، جن مان اظھار نڪري. ھن قسم جي لکتن کي ”ڪشف الخيالات“ به چيو ويندو آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي