خوش خيرمحمد هيسباڻي
خير محمد ھيسباڻي : Khush Khair Muhammad Heesbani:
سنڌ جي ھڪ شاعر جو نالو آھي جنھن سنڌي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ شاعري ڪئي . ھن لاء ڊاڪٽر تنوير عباسي پنھنجي ڪتاب ڪلام خوش خيرمحمد هيسباڻي ۾ لکيو آهي تہ:”.....خوش خير محمد سنڌي توڙي سرائڪي ڪافين ۾ هڪ نئين اصلوب توڙي نئين تاثر جو اظهار ڪيو آهي.خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪافين ۾ هر موضوع تي رومانيت جو وڻندڙ رنگ چڙهيل ملندو. اِهو اثر سندس همعصرن توڙي کانئس اڳ آيل شاعرن وٽ پڻ ملي ٿو، پر ڪٿي ڪٿي، ۽ اُهو ايترو رچيل به نه آهي، جو اُنهن شاعرن کي رومانوي شاعر ڪري ليکجي. شاهه لطيف توڙي سچل سرمست تصوف تي رومانيت جو پوش چاڙهيو، اُن اصلوب جي چوٽ خير محمد هيسباڻيءَ وٽ ٿي. خير محمد جي هر ڪافي مجاز جي رڳ ۾ رڱيل آهي. هن وٽ سونهن جو بيان سراپا تائين وڃيو پهچي. هن کي صوفياڻي فلسفي ۽ همه اوست جي ڳوڙهن ۽ منجهيل مسئلن جي بيان ڪرڻ وقت به پرينءَ جا پار نظر ٿا اچن. اُتر توڙي لاڙ ۾ اُن اصلوب جي انتها هن ئي شاعر وٽ نظر اچي ٿي. سندس ڪي ڪافيون ته ’انتهائي رومانيت‘ جوبه اظهار آهن:
عشق سارا تقدير، متان ڪو تدبير هلاوي!
يعني عشق اڻٽر آهي، اُن جي اڳيان ڪابه تدبير نٿي هلي سگهي_ هٿ پير هڻڻ اجايو آهي. ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ جو ضرور ڪونهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي وڌيڪ لکي ٿو تہ:
خوش خير محمد هيسباڻي سنڌيءَ جي صوفياڻي شاعريءَ ۾ سچل سرمست کان پوءِ هڪ نئون ورق ورايو. هن سنڌ جي عظيم صوفي شهيد شاهه عنايت جو نالو کڻي ذڪر ڪيو آهي ۽ اُن کي وڏو خراج تحسين پيش ڪيو اٿائين. اُن مان ظاهر آهي ته خير محمد کي سنڌ جي تاريخ جي پوري ڄاڻ هئي۽ هن عظيم شهيد لاءِ بي پناهه عقيدت هيس. سچل سرمست بعد خير محمد هيسباڻي ئي پهريون شاعر آهي، جنهن سڌو سنئون نالو کڻي شاهه عنايت شهيد کي ڳايو آهي، نه ته هن کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ فقط اشارن ۾ هن شهيد جو ذڪر ايندو هو. ساڳي ئي ڪافيءَ ۾ خوش خير محمد سنڌ جي هڪ ٻئي عظيم صوفي شهيد مخدوم بلال جو به ذڪر ڪيو آهي، ۽ اُن سان گڏ فارسي شاعريءَ جي مروج صوفي ڪردارن توڙي ٻين صوفي ڪردارن جو نالو آندو اٿائين، پر سڀ کان اول ذڪر شاهه عنايت شهيد جو آهي.....“ [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ {_تنوير عباسي [ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، ص 18۽32]}