خودڪلامي (سودائي پڻو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سودائي پڻو/خود ڪلامي __(Soliloquy):

سالي لاڪي جو سنڌيءَ ۾ ملندڙ جلندڙ مطلب ’خود ڪلامي‘ آهي يا ’سودائي پڻو‘ آهي. هي لفظ اصل ۾ لاطيني (Latin) ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو ٻن لاطيني ٻوليءَ جي لفظن جو مرڪب آهي، يعني سولس (Solus) يا سالي (Soli) يعني اڪيلو ۽ (Loqui) يعني ڳالهائڻ. ساڳي معنيٰ جو لفظ ’مونو لاگ‘ موجود آهي. فرق صرف اهو آهي ته Monologue ۾ هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهائڻ ذريعي ڪهاڻيءَ کي پڌرو ڪيو ويندو آهي، ان کي ’يڪ ڪلامي‘ به چئبو آهي. جڏهن ته Soliquy جي معنيٰ ’خود ڪلامي‘ آهي، جنهن ۾ ڪردار پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو آهي. ائين ڪهاڻي پڌري ٿيندي آهي. سالي لوڪي جو نمونو ڊرامن ۽ شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. رابرٽ برائوننگ (1812-1889ع)جو نظم My Last Dutuchess ان جو بهترين مثال آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي