خودڪلامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خود ڪلامي (Monologue) لفظ مونو لاگ اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ٻن لفظن: Monos (مونس) يعني اڪيلو (Alone) ۽ Logue يعني ڳالهائڻ (Speak) مان گڏجي هڪڙو لفظ مونو لاگ وجود ۾آيو، جنهن ۾ فقط هڪ طرفو ڳالهائڻ هوندو آهي. خود ڪلامي يا مونو لاگ جو ادب ۾ سڀ کان پهريون مثال، مشهور يوناني ڊرامه نگار سوفوڪليز (Sophocles) جي ڊرامنَ ۾ ملي ٿو. ان جو ئي هڪ ٻيو قسم آهي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ ان کي ’Soliloquy‘ چئبو آهي. خود ڪلاميءَ جو اصطلاح خصوصي طور ڊرامن سان منسوب هو. شيڪسپيئر جي اڪثر غمگين ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار پاڻ سان ڳالهائين ٿا. مونو لاگ قديم شيءِ آهي. پر سنڌيءَ ۾ انهيءَ ٽيڪنڪ تي تمام گهٽ لکيو ويو هي. سڀ کان پهريون نالو امر لعل هنڱوراڻيءَ جو سامهون اچي ٿو، جنهن جي افساني ”ادو عبدالرحمان“ جو ڪردار ٻين جي موجودگيءَ ۾ يڪ طرفو ڳالهائي ٿو. انهيءَ کان گهڻو پوءِ 1965 ۾هريش واسواڻيءَ جو ساهت ڌارا رسالي ۾ هڪڙو مونو لاگ ڇپيو. پاڻ سان پاڻ ڳالهائڻ واري انداز ۾ فني لحاظ سان اهو مڪمل مونو لاگ آهي ۽ شايد سنڌيءَ ۾ پهريون پورو مونو لاگ ۾ افسانو آهي.”روشني جي تلاش“ناول ۾ اغا سليم ھڪ نئين ٽيڪنڪ خود ڪلامي (Monologue) شامل ڪئي اھي. سنڌي ڊرامن ۾ خود ڪلاميءَ جا ڪيترا مثال ملن ٿا. ان کان علاوه سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ به خودڪلاميءَ جا بيشمار مثال موجود آهن. خاص طور 1970ع کان پوءِ جديديت واري دور ۾ شوڪت شوري، مشتاق شوري، نور گهلوءَ ۽ ٻين خود ڪلاميءَ جي طرز ۾ ڪهاڻيون لکيون آهن. شبنم گل جو هڪ طويل نظم ”خود ڪلامي“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.