مواد ڏانھن هلو

خليفو نبي بخش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خليفو نبي بخش (Khlifo Nabi Bux)، ذات لغاري، مشھور سنڌي شاعر جو نالو آھي جنھن لاء تاج جويي لکيو آهي تہ؛

 "خليفو نبي بخش لغاري، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي جڳ مشهور ٽمورتي (شاهه، سچل ۽ سامي) ۾ هڪ اهڙي خوبصورت رتن جو اضافو آهي، جنهن طرف اسان جي علمي ۽ ادبي حلقن تمام گهٽ ڏيان ڏنو آهي. سچل ۽ ساميءَ جي شاعريءَ جي روايت، منهنجي نظر ۾ لطيف جي ڪلاسيڪي روايت کان ڪجهه قدر مختلف ۽ منفرد رهي آهي. لطيف جي شاعراڻي روايت جو تسلسل ۽ اُن ۾ خوبصورت واڌارو، جيڪڏهن سڄي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ ڳولبو ته سواءِ نبي بخش لغاريءَ جي شاعريءَ جي ٻئي هنڌ مشڪل لڀندو ؛ جهڙيءَ طرح شاهه لطيف، شاهه عنايت ۽ اُن کان اڳ جي شهري روايت جو تسلسل آهي. شاهه لطيف راڳ جو ڄاڻو، نون سُرن ۽ موسيقيءَ جو موجد رهيو آهي ۽ سُر جي اها شناخت خليفي نبي بخش لغاريءَ وٽ به اسان کي سگهاري صورت ۾ ملندي" 

ڪتاب "باھيون بيراگين جون" ۾ تاج جويو وڌيڪ لکي ٿو تہ:

  "خليفي صاحب جي نه رڳو سُر ڪيڏاري واري شاعري، پر سُر ڪلياڻ، سُر گهاتو، سُر سارنگ ۽ سُر سسئيءَ جو ڳوڙهو مطالعو به اسان تي واضح ڪندو ته خليفي جي سموري شاعريءَ ۾ سنڌ جي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي حالتن جو عڪس ۽ نقشو موجود آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خليفي صاحب جي رسالي جي هر سُر جو، سندس دور جي تاريخ جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪيو وڃي. اِن نموني سان پنهنجي نئين نسل کي سنڌ جي هن انتهائي اهم شاعر جي شاعريءَ جي اهميت ۽ فن مان واقف ڪري سگهندا سون"[1] 

خليفي نبي بخش جي شاعري جو رسالو مشھور سنڌي اسڪالر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرتب ڪري ڇپايو ان مان سر ڪيڏارو جا ڪجهه بيت ھيٺ ڏجن ٿا:

شُجاع! نيڪ صلاح، وٺ ته ويري نه پَسين،

ڄاڻي هيڪ الله، قلم جنهن جي هٿ ۾.

شُجاع! سنڌ مَ ويـﮧ، اوڏا اڏي نجهرا،
هيءُ تَني جو ڏيـﮧ حامي حيدر جن جو.

شُجاع! ويـہُ مَ سنڌ، اوڏا اڏي نجهرا،
هتي راوت رِند، وَتن قلعي ڪوڏئا.

اچي اَڄ اميرَ، کرڙيءَ خيمان کوڙيا،
ڀيچي ڀيڙا نه ٿيا، مَهند نه آيا ميرَ،
ڏنو سِرُ سڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.

کرڙي کائي رَت، ڀقت نه وجهي وات ۾،
پِڙ ۾ پهلوانن جي، ويٺي پَرکي پَت،
جَني نيڻ نِسَت، نينهن نه لائي تَن سين.

کرڙي کائي ماه، پِيئي رت پيالون،
ويٺي سڏي شاهه، جو ڏيندو سِرُ ڏياچ جان.

کرڙيءَ کُپن پير، ته مون وڏو وس ڪئو،
ڪوڙين ڀڳا ڪيترا، ٻڌي دَنگ دلير،
وڏو سُڄي وير، ڪنهن پر ڪهي ڪاٽيان.

ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، نُونڌ نچندا پَسُ،

ڇڏي تَن ترس، پلٽيو شاهه پٺاڻ تي.

— (”خليفي نبي بخش لغاري جو رسالو“، مرتب: ڊاڪٽر بلوچ، ص 411)[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. {”باهيون بيراڳين جون“، ص 66۽73}
  2. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/mehran/Book2/Book_page3.html.  Missing or empty |title= (مدد)