خدا بخش ابڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خدا بخش ابڙو سنڌ جي ثقافت ۽ فنون لطيفہ جو ھڪ آرٽسٽ/مصور، جنھن جو فن نہ فقط سنڌ، پر پوري ملڪ لاءِ فخر آھي. پاڻ 12 اپريل 1957 ع تي ڄائو. ھيءُ مصور، انساني جذبن، احساسن ۽ تصورن جو اظھار پنھنجي فن وسيلي ڪرڻ جو ماھر آهي، ھن جي مصوريءَ ۾ رنگن جي نمايان ۽ وقتائتي شموليت قابل قدر وصف آھي. ھن آرٽسٽ مصور جون تصويرون ملڪ جي سڀني نمائشن ۾ شامل ٿينديون ۽ ڪاميابي حاصل ڪنديون رھيون آھن. ھن سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجندڙ سوين ڪتابن جا سر ورق ڊزائن ڪيا آھن ۽ 1978ع ۾ نيشنل بڪ ڪائونسل طرفان اوارڊ بہ حاصل ڪيو آهي، ساڳيءَ طرح کيس 1979ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿيندڙ ڊاڪٽر الھداد ٻوهيي جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ جي ڊسٽ ڪور جي تخليق تي اوارڊ ملي چڪو آھي. 1980ع ۾ ھن قومي سيمينار ۾، سنڌ صوبي جي نمائندگي ڪئي، ھن نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ ڪمرشل ڊيزائننگ جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. سندس شادي سنڌ جي نامياري شاعره عطيہ دائود سان ٿيل آهي. سندس ٻار ’سونھن‘ ۽ ’سُھائي‘ ٻئي آرٽسٽ آهن. خدا بخش هن وقت روزاني انگريزي اخبار ’ڊان‘ سان لاڳاپيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]