"ڳجهارت" جي ورجائن ۾ تفاوت

Jump to navigation ڳولا ڏانھن هلو
٦٢٢ بائيٽون واڌ ،  ٣ سال پهرين
سنوار جو تَتُ ڪونھي
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
ٽيگَ: موبائل سنوار موبائل ويب سنوار
{{مبسس4}}
'''ڳجهارت''' (Ggujhaarat) لفظ سنسڪرت جي لفظ “ڳھه” ارٿ مان نڪتل اھي. جنهن جي معنيٰ ڳجهو يا اونهو مطلب آهي. يعني تمام اونھي مطلب واري حقيقت، جنھن ۾ ڪو راز رکيل ھجي. ”ڳجھارت“ پروليءَ جو ھڪ ڳوڙھو نمونو اھي، جنھن کي ڀڃڻ لاءِ پختن خيالن ۽ عمدن دليلن جي ضرورت اھي. جيتوڻيڪ کجھارت جو سنگ بنياد پروليءَ تي ئي اھي، پر سٽاءَ جي لحاظ کان ٻنھي ۾ فرق اھي. پرولي ڀڃڻ لاءِ ٿورو اشارو مليل ھوندو آھي، پر ڳجھارت ۾ حافظي ۽ ڄاڻ کي وڏو دخل آهي. بي سري ڳجهارت کي سگهڙ اهميت نه ڏيندا آهن، پر سُريلي يا سُر واري ڳجهارت کي مڃيو ويندو آهي. ڳجهارت پائي سان بند سان ڀڄندي آهي. ان ۾ مذڪر ۽ مونث کي نرنان ۽ نار چئبو اھي. سگھڙ عبدالغکور منگيءَ جي ھڪ کجھارت جو مثال ڏجي ٿو: ڏيڻي: '''ولايت جي شھر ۾، نالي اکواڻ سان، ا جي ۾، مردن جي ڪئي'''! ھيءَ ڳجھارت ڇھن پاون جي اھي، جي هن ريت آهن: (1) ولايت: ترڪي، (2)شھر: استنبول، (3) نالو: نبي بخش، (4) اڳواڻ: پيش امام، (5) ا جي: مسجد، (6) مردن جي: ڪچھري. ڀڃڻي: ترڪيءَ جي شھر [[استنبول]] ۾ نبي بخش، مسجد جي پيش امام سان ڪچھري ڪئي.
<ref>{{http://dic.sindhila.edu.pk/define/%DA%B3%D8%AC%D9%87%D8%A7%D8%B1%D8%AA.php سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي.}}</ref>.<ref>.ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي</ref>آرچر ٽيلر مطابق ڳجھارت ھڪ آفاقي فن آھي . ھيھن پنھنجي تحقيق ۾ سوين مختلف سماجن جا حوالا ڏنا آهن جن ۾ فنش، ھنگيرين، آمريڪي ريڊ انڊين، چائنيز، روسي ، ڊچ، فلپينو ۽ ٻين ڪيترن ئي سماجن ۾ ڳجھارت جو ذڪر ڪيو آهي.<ref>Archer Taylor, ''[http://www.archertaylor.com/contact-books.html English Riddles from Oral Tradition]'' (Berkeley: University of California Press, 1951), p. 3.</ref>. ڪيتريون ئي ڳجھارتون ۽ ڳجھارتي موضوع پوري دنيا ۾ ملن ٿا، تنھن ھوندي بہ مغرب ۾ گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان رواج مان نڪري ويون آهن ۽ انھن جي جاء ٻين زباني ۽ ذھني آزمائشن جھڙوڪ ڪئيز وغيره وٺي ڇڏي آهي. .<ref>Annikki Kaivola-Bregenhøj, ''[http://oa.finlit.fi/site/books/detail/12/riddles/ Riddles: Perspectives on the Use, Function, and Change in a Folklore Genre]'', Studia Fennica, Folkloristica, 10 (Helsinki: Finnish Literature Society, 2001), p. 163 {{doi|10.21435/sff.10}}.</ref>
 
==بيتن واريون ڳجهارتون==

رھنما مينيو