حڪيم اجمل خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حڪيم اجمل خان
 

معلومات شخصيت
ڄم 12 فيبروري 1868  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
دهلي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت 29 ڊسمبر 1927 (59 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

اجمل خان وڏو طبيب ٿي گذريو آهي. 1863ع ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو خاندان، شهنشاهه اڪبر جي درٻار سان لاڳاپيل هو. اجمل خان جو پيءُ، حڪيم محمود خان، شاهه عالم جو خاص طبيب هو. اجمل خان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. طب جي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ حڪيم محمد واصل کان حاصل ڪيائين. اجمل خان 1904ع ۾ طبي ڪانفرنس جو بنياد وڌو. 1908ع ۾ کيس ”حاذق الملڪ“ جو خطاب مليو. ٻه دفعا يورپ جو سفر ڪيائين. 1914ع ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد وڌائين. 1921ع ۾ خلافت ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. اجمل خان طب تي ڪيئي ڪتاب لکيا، ان کان سواءِ سياسي مضمون به لکيائين. 1927ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سندس نالي سان ڪيترا دواخانا موجود آهن.[1]

حوالا[سنواريو]