حڪيم اجمل خان
ڏيک
| حڪيم اجمل خان | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| تاريخ موت | |
| شھريت | |
| جماعت | انڊين نيشنل ڪانگريس |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| ترميم | |
اجمل خان وڏو طبيب ٿي گذريو آهي. 1863ع ۾ دهليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن جو خاندان، شهنشاهه اڪبر جي درٻار سان لاڳاپيل هو. اجمل خان جو پيءُ، حڪيم محمود خان، شاهه عالم جو خاص طبيب هو. اجمل خان عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. طب جي تعليم پنهنجي وڏي ڀاءُ حڪيم محمد واصل کان حاصل ڪيائين. اجمل خان 1904ع ۾ طبي ڪانفرنس جو بنياد وڌو. 1908ع ۾ کيس ”حاذق الملڪ“ جو خطاب مليو. ٻه دفعا يورپ جو سفر ڪيائين. 1914ع ۾ طبيه ڪاليج جو بنياد وڌائين. 1921ع ۾ خلافت ڪانفرنس جي صدارت ڪيائين. اجمل خان طب تي ڪيئي ڪتاب لکيا، ان کان سواءِ سياسي مضمون به لکيائين. 1927ع ۾ وفات ڪيائين. سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سندس نالي سان ڪيترا دواخانا موجود آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2019-12-20 تي محفوظ ڪيل, 2019-12-17 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)