حي فري لائبريري نصيرآباد
ڏيک
حي فري ريڊنگ روم ۽ لائبرري ماڻهن جي علمي ضرورت جي مدنظر نصيرآباد ۾، سال 1926ع ۾ هڪ ننڍي لائبرري قائم ٿي، جنهن کي اُن وقت جي ڊپٽي ڪلڪيٽر قمبر، مسٽر حي Hey جي نالي پٺيان سڏڻ لڳا . منجهس اَنگريزي، سنڌي، هندي ۽ اُردو زبانن ۾ ڪتابن جو چڱو تعداد گڏ ٿيل هيو. ضلعي جي هندو ڪامورن به هن لائبرريءَ لاءِ مــَـفت ڪتاب ڏنا. روزنامه اَخبارن ۽ رسالن کي به باقائدگيءَ سان هن لائبرريءَ ۾ محفوظ ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري ماڻهن ۾ پڙهڻ جو چاه وڌيو. لائبرريءَ سان گڏ هڪ ”ريڊنگ روم“ به قائم ڪيل هئي، جنهن ۾ عام ۽ خاص ماڻهو ويهي مطالعو ڪندا هئا . ورهاڱي کان پوءِ هيءَ لائبرري درهم برهم ٿي وئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ