حيدرآباد ۾ فرنگي سرڪار خلاف بغاوت جو منضوبو ناڪام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

12 سيپٽمبر 1857ع تي حيدرآباد ۾ فرنگي سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ جي رٿا رتي وئي هئي. جنهن تي 13 سيپٽمبر 1857ع تي عمل ٿيڻو هو. پر هڪ بنگالي برهمڻ جاسوس ڪراچيءَ ۾ انگريز سرڪار کي اطلاع ڏنو ته ريجمينٽ نمبر 21 رات جو 2 وڳي ڌاري بغاوت ڪندي. اطلاع ملڻ تي انهيءَ ريجمينٽ کي حاضري ڀرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سندن حاضري ورتي وئي ۽ کانئن هٿيار واپس ورتا ويا. ائين حيدراباد ۾ فرنگي سرڪار خلاف بغاوت جو رٿيل منضوبو ناڪام ٿي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]