حياتي جو دائرو


حياتي جو دائرو (Biosphere؛ βίος، زندگي ۽ σφαῖρα، دائرو) جنهن کي ماحولياتي دائرو (Ecosphere؛ οἶκος، آبادي ۽ σφαῖρα، دائرو) پڻ سڏيو، ويندو آهي، ڌرتيءَ تي موجود سڀني ايڪو سسٽمن جي مجموعي کي چيو ويندو آهي.
هن دائري ۾ ڌرتيءَ تي موجود سڀئي حيات اچي وڃي ٿي. سڀني ماحولياتي نظامن جو عالمي مجموعو آهي. ان کي ڌرتيءَ تي زندگي جو زون پڻ چئي سگهجي ٿو. بايوسفيئر (جيڪو ٽيڪنيڪل طور تي هڪ گول خول) مادي جي حوالي سان عملي طور تي، گهٽ ۾ گهٽ ان پٽ ۽ آئوٽ پُٽ سان، هڪ بند نظام آهي.[1] توانائي جي حوالي سان، اهو هڪ کليل نظام آهي، جيڪا فوٽو سنٿيسس جي ذريعي تقريباً 100 ٽيرا واٽ جي شرح سان شمسي توانائي حاصل ڪري ٿو.[2] سڀ کان عام بايو فزيولوجيڪل تعريف موجب، بايوسفيئر عالمي ماحولياتي نظام آهي جيڪو سڀني جاندارن ۽ انهن جي لاڳاپن کي ضم ڪري ٿو، جنهن ۾ سگمنڊل (Lithosphere)، واھ منڊل (Cryosphere)، ڪرائوسفيئر، هائيڊروسفيئر ۽ ماحول جي عنصرن سان انهن جو رابطو شامل آهي.
حياتي جي دائري جي ارتقا پذير ٿيڻ جو تصور آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ 3.5 ارب سال اڳ بايوپوئيسس (غير جاندار مادو مان قدرتي طور تي پيدا ٿيندڙ زندگي، جهڙوڪ سادا نامياتي مرڪب) يا بايوجينيسس (جاندار مادو مان پيدا ٿيندڙ زندگي) جي عمل سان شروع ٿيو.[3][4] عام معنيٰ ۾، بايوسفيئر ڪو به بند، خود-ضابطي ڪندڙ نظام آهن جن ۾ ماحولياتي نظام شامل آهن. ان ۾ مصنوعي حياتياتي دائرن جهڙوڪ BIOS-2 ۽ BIOS-3 ۽ ممڪن طور تي ٻين سيارن يا چنڊن جا دائرا شامل آهن.[5]
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]![]() |
حياتي جو دائرو جي لغوي معنائن جي لاءِ وڪي لغت ۾ ڏسو |
- Article on the Biosphere at Encyclopedia of Earth
- GLOBIO.info, an ongoing programme to map the past, current and future impacts of human activities on the biosphere
- Paul Crutzen Interview, freeview video of Paul Crutzen Nobel Laureate for his work on decomposition of ozone talking to Harry Kroto Nobel Laureate by the Vega Science Trust.
- Atlas of the Biosphere
سانچو:Nature nav سانچو:Environmental science سانچو:Sustainability سانچو:Biological organisation سانچو:Natural resources
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Biosphere" in The Columbia Encyclopedia, 6th ed. (2004) Columbia University Press.
- ↑ Nealson, Kenneth H.; Zeki, S.; Conrad, Pamela G. (1999). "Life: past, present and future". Philosophical Transactions of the Royal Society of London. Series B: Biological Sciences 354 (1392): 1923–1939. doi: . PMID 10670014.
- ↑ Campbell, Neil A.; Brad Williamson; Robin J. Heyden (2006). Biology: Exploring Life. Boston, Massachusetts: Pearson Prentice Hall. ISBN 978-0-13-250882-7. http://www.phschool.com/el_marketing.html. Retrieved 2008-09-14.
- ↑ Zimmer, Carl (3 October 2013). "Earth's Oxygen: A Mystery Easy to Take for Granted". The New York Times. https://www.nytimes.com/2013/10/03/science/earths-oxygen-a-mystery-easy-to-take-for-granted.html.
- ↑ "Meaning of biosphere". WebDictionary.co.uk. وقت 2011-10-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2010-11-12. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد)