حيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
سن 1861 ۾ ليوپولڊ ڪيمبرڊ جو ٺاھيل حياء جي نالي سان ھڪ مجسمو


حيا(انگريزي: Modesty)ول ڊيورنٽ لکي ٿو ته حياءُ هڪ چالاڪيءَ واري پسپائي آهي جيڪا ڊپ ۽ صفائي پسنديءَ مان پيدا ٿيندي آهي ۽ تهذيب ۽ رحمدلي سان وڌندي آهي. اها خاصيت رڳو انسانن ۾ نه آهي پر حيوان مادي به لڳ جي مند کانسواءِ لڳ ڪرڻ کان لنوائيندي آهي. Bcaumerchais چوي ٿو ته ”ماڻهو جانورن کان ان ڳالهه ۾ الڳ آهي جو بنان اُڃ جي پيئندو ۽ سڀني موسمن ۾ هم بستري ڪندو آهي.“ مهذب ماڻهوءَ ۾ حياءُ محبت جي هڪ تمام سٺي نفسياتي ترقي آهي. هو اهو عاليشان مقام حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن روح جي محرڪات تي حاوي ٿي وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾ مليشيا ۾ عورتن ۾ خودڪشي ڪرڻ جي وبا پکڙي هئي تڏهن اتان جي ڪن عقلمند قانون سازن حڪم جاري ڪيو هو ته جيڪي عورتون خودڪشي ڪنديون انهن جي لاشن کي گهٽين مان اگهاڙو گهمايو ويندو ۽ عورتن جي خودڪشي بند ٿي وئي.[1]ول ڊيورنٽ وڌيڪ لکي ٿو تہ:وليم جيمس جو خيال آهي ته حياءُ فطري ۽ جبلتي نه آهي پر حاصل ڪيل جذبو آهي. عورتن ڏٺو ته فراخدلي ڌڪار پيدا ڪندي آهي ته هنن پنهنجو اهو مشاهدو پنهنجن ڌيئن ڏانهن منتقل ڪيو. ڊڊرو Didero اڃا ڪجهه پوئتي وڃي ان دور جي ڳالهه ڪئي ته ساڙيل مردن عورتن تي پنهنجو مالڪاڻو حق قائم ڪرڻ لاءِ زوريءَ مٿن حياءُ مڙهيو. ڪيترن قبيلن ۾ رڳو پرڻيل عورتون ڪپڙا پائينديون هيون جو سندن مڙس سمجهندا هئا ته اهڙيءَ طرح زالن تي سندن مالڪاڻا حق قائم رهندا. پوءِ جڏهن عورتن کي قبضي ۾ رکڻ جي بجاءِ شادي ڪاروبار ٿي وئي تڏهن والدين ڏٺو ته ڪنواري ڇوڪريءَ جا وڌيڪ پئسا ٿا ملن ته هنن ڇوڪرين جي حياءُ جي پرورش ڪئي. انهن مختلف وسيلن سان حياءُ اڀريو ۽ عورتن جو دلفريب حسن ٿي ويو. بي حياءَ عورتون مردانيت وارن مردن لاءِ وقتي طور پرڪشش هونديون آهن. نمائش ۾ احتياط ۽ حسن ۽ خوبيءَ جي اظهار ۾ اختصار سندن شڪار جا بهترين هٿيار آهن. جڏهن بدن جي خاص عضون بابت اسان کي گهٽين ۾ سکيا ملندي ته ان سان اسانجو ڌيان ته ڇڪبو پر جذبات ۾ تحرڪ نه ايندو. جوان ماڻهو جهڪيل نگاهن ڏانهن ڇڪبو آهي جو غير شعوري طور سمجهندو آهي ته ان حياءُ ۾ عورت جو روحاني طرح پاڻ ارپڻ جو جذبو لڪل آهي جيڪو عورت جو هڪ اعليٰ ڳڻ آهي. حياءَ عورت جي پنهنجن انعامن ۾ بخيلي آهي جنهن مان مرد جي همٿ ۽ جرئت کي آزمائيندي آهي، کيس غير معمولي ڪم ڪرڻ لاءِ هرکائيندي ۽ هن جي انهن لڪل صلاحيتن کي اُڀاريندي آهي جيڪي عام ماڻهن جي زندگين جي تهن ۾ لڪل هونديون آهن. ٿي سگهي ٿو ته مردن جا تعميري ڪارناما پکين جي رنگين شان وانگر جنسي حسن ۽ نمائش جي ڪري ٿي سگهيا هجن.[1]حياء عام طور تي لباس ۽ ذاتي روش جي اھڙي طريقي جو نالو آهي جنهن ۾ ٻين ۾ شھواني ڪشش جو تاثر نہ ٿي سگھي. حياء لاء استعمال ٿيندڙ انگريزي لفظ ماڊيسٽي لاطيني ٻوليءَ جي لفظ ماڊيسٽس (modestus) مان نڪتل آهي جنھن جي معنيَ آهي مقرر حد ۾ رھڻ ("keeping within measure") [2] حياء جا معيار ھر معاشري جي بنياد تي مختلف رھندا آيا آهن ۽ مختلف معاشرن ۾ جسم جا ڪجھ حصا ظاھر ڪرڻ بيحيائي سمجھيو ويندو آھي. ڪجھ معاشرن ۾ عورت پاران پنھنجو پورو جسم ڍڪڻ ۽ خاندان کان ٻاھرين مردن سان نہ ڳالھائڻ حياء جي علامت سمجھو ويندو آھي. ڪن معاشرن ۾ ھڪ حصي وارو سوئمنگ لباس ۽ ڪن ۾ ٻن حصن يعني انگي ۽ ڪڇي وارو سوئمنگ لباس بہ حياء وارو سمجھيو ويندو آھي. موجوده دور ۾ ڪن معاشرن ۾ مڪمل اوگھڙ کي بہ برداشت ڪيو وڃي ٿو. ورلڊ نيڪڊ بائيڪ رائيڊ يا اگھاڙو ٿي موٽرسائيڪل ھلائڻ جي عالمي تقريب ان جو ھڪ مثال آھي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ؛ليکڪ: وِل ڊيورانٽ ؛سنڌيڪار: آغا سليم ايڊيشن؛ 2016 ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. Jennett, Sheila. The Oxford companion to the body. Eds. Colin Blakemore, and Sheila Jennett. Vol. 7. New York, NY: Oxford University Press, 2001.
  3. Guardian newspaper: World Naked Bike Ride – in pictures, 10 June 2012 جنھن ۾ اڪثريت سوارن جي مڪمل اگھاڙن ماڻھن جي ھوندو آھي.