حقيقي زندگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حقيقي زندگي اصل ۾ تمام وڏو تصور ٿيندو آهي، جنهن ۾ روحاني رمزن سان گڏ دنوي طور به ڳالهيون ٿينديون آهن.

مذهبي حيثيت[سنواريو]

مذهبن ۾ حقيقي زندگيءَ جو تصور حيات بعد الموت جي ٿيندو آهي، جنهن تصور ۾ اهو مڃيو ويندو آهي ته هي جهان جنهن ۾ اسان رهون ٿا اهو درحقيقت فاني آهي، پر حقيقي زندگي ٿيندي ئي موت کان پوءِ آهي.

دنوي حيثيت[سنواريو]

زماني ۾ دهر جي حساب سان حقيقي زندگي روز مره جي زندگيءَ کي سڏبو آهي، جنهن ۾ مادي طور تي جاندار اٿي ويهي، گھمي ڦري ٿو، جتي ڪنهن به قسم جو ڪو خيالي واهمو ناهي ٿيندو. هن تصور جي چٽائي ائين به هوندي آهي ته هڪ ماڻهو جيڪو _سي، وائسي، چکي، سنگھي مطلب ته پنهنجي پنجن حواسن سان محسوس ڪري ٿو اهو حقيقي زندگيءَ جو مظهر ٿيندو آهي. ان کي ائين به سمجھي سگھجي ٿو ته صبح کان وٺي رات تائين ماڻهوءَ جي مصروف زندگيءِ کي حقيقي زندگي چئبو آهي.