حقيقت پسندي ( بين الاقوامي تعلقات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
نڪولو ميڪاويلي جنھن 1532 ۾ ڪتاب دي پرنس لکي ريئل ازم جي پرچار ڪئي


حقيقت پسندي جو نظريو: ٿيوري آف ريئل ازم ( Theory of Realism): بين الاقوامي تعلقات ۾ ھي نظريو مثاليت پسندي جو ضد آهي. ھن نظريي مطابق عالمي سياست جو واحد مقصد طاقت لاءِ جدوجھد آهي. پروفيسر ايڇ. جي مارگن ٿيو چوي ٿو تہ:

مفاد ۽ طاقت ٻئي بين الاقوامي سياست جا بنيادي منظم نظريا آهن.سياست ۽ طاقت ھميشہ کان ھڪٻئي سان ڳنڍيل آھن.

ريئل ازم يا حقيقت پسندي جو نظريو ٻڌائي ٿو تہ رياستن وچ۾ قومي مفادن تي ڪابہ ھم آھنگي نہ ملندي آهي ۽ سڀ رياستون پنھنجن مفادن جي حاصلات جہ ڪوششن ۾ لڳل ھونديون آھن. ھر رياست جي طرز عمل ۾ ان جي استعداد يا اھليت (capability) جو وڏو عمل دخل ھوندو آھي جنھن م ان جي فوجي برتري، ٽيڪنالاجي وغيره شامل آهن. انساني فطرت جائز يا ناجائز طريقي سان اقتدار حاصل ڪرڻ چاھيندي آهي جنھن ڪري اخلاقي معيار بين الاقوامي تعلقات جو بنياد نہ ٿو بڻجي سگهي. اھو سياستدانن جو ڪم آھي تہ طاقت جي توازن کي برقرار رکن . ھي نظريو وڌيڪ ٻڌائي ٿو تہ بين الاقوامي سياسي نظام انارڪي وارو آهي ڇوته ڪابہ اھڙي سپر قومي رياست ناھي جا قانونن تي عمل ڪرائي سگھي

نظريي جا پيروڪار[سنواريو]

ھن نظريي جا پيروڪار ميڪاوہلي، ميڪس ويبر، ايڇ. جي. مارگن ٿيو، فريڊرڪ شومين ڪي. ڊبليو. ٿامپسن، ارنولڊ ولفرس, ھينري ڪسينجر آھن.