حقيقت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

جڳ مشهور داناءَ اينجلس چيو آهي: “Things are dead by destination” (جن شين جي مقدر ۾ موت آهي، سي (ڪن ڳالهين ۾) ڄڻ هينئر ئي مئل آهن.) ساڳيءَ طرح ڊگهي عرصي جي خيال کان سڀاڻي وجود ۾ اچڻ واري حقيقت کي اڄوڪي حقيقت ڪري شمار ڪري سگهجي ٿو ۽ ڪرڻ گهرجي. ظاهر ۽ باطن ۾، صورت ۽ اصليت ۾ اڪثر تضاد هوندو آهي. ڪيتريون شيون ظاهري طرح حقيقت نظر اينديون آهن، پر اِهي اڪثر پنهنجي حقيقت وڃائي چڪيون هونديون آهن. هُو اهي زنده لاش هونديون آهن، جيڪي اڃا دفن نه ٿيا آهن. ساڳيءَ طرح ڪيتريون زبردست حقيقتون عام اکين کان لڪل هونديون آهن. انهن کي ڏسڻ لاءِ دوربيني ۽ خوردبينيءَ جي لوڙ پوندي آهي. [1]

مذھبي نقطہ نظر[سنواريو]

طريقت جي منزل ۾ پورو رهڻ کان پوءِ، طالب طريقت جي منزل ۾ قدم رکي ٿو ۽ کيس حق جي جستجو رهي ٿي. هو هر خوبصورت شيءِ ۽ حقيقي حسن کي ڏسڻ جو خواهشمند ٿئي ٿو ۽ کيس مجاز جي اوٽ وٺڻي پوي ٿي؛ يعني جڏهن به هو ڪا سهڻي شيءِ ڏسي ٿو، تڏهن ان ڏي مائل ٿيڻ جي بدران ان جي سچي ۽ حقيقي نقاش يعني خدا تعاليٰ جي طرف متوجهه ٿئي ٿو. [2]

  1. سندي ذات هنجن (ادب جي پرک) (رسول بخش پليجو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-28 
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي