حفيظ شيخ
حفيظ شيخ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ڪهاڻيڪار, جو پورو نالو محمد حفيظ شيخ ولد شيخ غلام رسول هو. هن پهرين ڊسمبر 1931ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو.
تعليم
[سنواريو]هن پنجاب يونيورسٽيءَ مان صحافت ۾ ايم. اي ڪئي هئي.
گھرو پس منظر
[سنواريو]حفيظ شيخ جـو والـد نـو مـسلم هو ۽ جڏهن حفيظ 15 سالن جو هو ته سندس والد 2 فيبروري 1943ع تي وفات ڪري ويو. حفيظ جي والده شاهه بيگم 21 فيبروري 1959ع تي وفات ڪئي. حفيظ کي 6 ڀينرون ۽ ٻه ڀائر هئا. هن 1 جنوري 1971ع تي ڪلثوم سان شادي ڪئي. سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر دادي ليلاوتي هرچنداڻي، حفيظ شيخ جي والد غلام رسول شيخ جي سڳي سوٽ آهي.
سخت زندگي
[سنواريو]حفيظ شيخ هڪ عام ماڻهوءَ واري زندگي گذاري، بوٽ پالش ڪيائين، کٽمٺڙن جو دڪان کوليائين، فوج ۾ ڀرتي ٿيو، اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو پي. اي ٿيو. اي. پي. پي جو نمائندو ٿيو. فيملي پلاننگ کاتي ۾ ڊويزنل انچارج رهيو.
ادبي لاڙا
[سنواريو]شيخ حفيظ، سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٽرينڊ سيٽرن مان هو. غلام رباني آگرو، جمال ابڙو ۽ حفيظ شيخ، سنڌي افساني جي اها ٽمورتي هئا، جن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان موڙ ڏنا. حفيظ شيخ، شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ رشيد ڀٽيءَ جو همعصر هو. هن اياز ۽ تنوير جي سنگ ۾ ’شاگرد‘ رسالي جا ٻه پرچا مرتب ڪيا، جن مان هڪ ’روشن آرا مغل نمبر‘ هو. هو ’نواءِ سنڌ‘ اخبار ۾ 1956ع کان 1957ع تائين نيوز ايڊيٽر به رهيو. 1951ع ۾ ورهاڱي کان پوءِ جڏهن سنڌي ادبي سنگت کي ٻيو ڀيرو منظم ڪيو ويو ۽ ان جون گڏجاڻيون ميٺارام هاسٽل ڪراچيءَ جي ڪمري نمبر 30 ۾ ٿينديون هيون تڏهن حفيظ شيخ ان دور جي بنيادي ميمبرن مان هو.
تصنيفون
[سنواريو]حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’ساگر جي لهرن تي‘ 1976ع ۾ ڇپيو هو، جنهن جو ٻيو ڇاپو پڻ شايع ٿيو. ان کان سواءِ سندس زندگيءَ، ڪهاڻين، ٻين تحريرن ۽ سندس موت تي همعصرن ۽ دوستن جي تاثراتن ۽ مضمونن تي تفصيلي ڪتاب ’اڇو پکي واءُ ۾‘ جي عنوان سان ناليواري اديب نصير مرزا ترتيب ڏئي، نئون نياپو، سنڌ پبلشنگ هائوس، ڪراچيءَ مان 1997ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن جي زندگيءَ تي ناز سنائيءَ جو پڻ هڪ ڪتاب شايع ٿيل آهي.
وفات
[سنواريو]حفيظ شيخ شاديءَ کان 10 مهينن بعد 9-نومبر 1971ع تي خيرپور ۾ وفات ڪري ويو. هن کي حيدرآباد ۾ آڻي، اُميدن ڀرئي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. اڄ سندس قبر جو نشان به مٽجي ويو آهي، ڇو ته سندس اُهي دوست نياز همايونيءَ ۽ ٻيا زندهه نه رهيا آهن، جن کيس اُتي دفن ڪرايو هو.[1]
حوالو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012