حاڪميت جو طريقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حڪمراني، صاحبي يا حاڪميت جو طريقو يا گورننس (governance) جيتوڻيڪ حڪومت يا سرڪار جي تصور سان ڳنڍيل آهي، ان هوندي به اهو سرڪاري اختيار هيٺ ڪنهن خاص قانوني نظام ڏانهن اشارو ڪري ٿو. حڪومت مان مطلب اهڙي سرگرمي آهي ،جيڪا با اختيار فرد/ جماعت طرفان آئيني ۽ قانوني تقاضائن مطابق سرانجام ڏني وڃي. جڏهن ته حڪمراني وڌيڪ وسيع لفظ آهي. اهو اصطلاح رياستي ڪار وهنوار ۾ حڪومتي ادارن طرفان ٿيندڙ فيصلن، عوامي اميدن جي پورائي ۽ حڪومتي ڪارڪردگيءَ سان لاڳاپيل ۽ سماج جو رسمي توڙي غير رسمي ڪاروهنوار هلائيندڙ مختلف عنصرن تي ٻڌل هوندو آهي. جيڪي رياست ۾ جٽاداري کي قائم رکڻ ۽ هاڪاري تبديليءَ/ترقيءَ لاءِ ماحول مهيا ڪن ٿا. بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هي اصطلاح ادارن جي جوڙجڪ ۽ سرڪاري نظام (regime) لاءِ گڏيل طور ڪتب ايندو آهي . اڄڪلهه جي استعمال مطابق، لفظ ’حڪمراني‘ سان گڏ عام ڪري صفت ”سٺي“ (good) جو واڌارو ڪيو ويندو آهي . اهو تصور جمهوريت جي پکيڙ، ادارتي جٽاءُ ۽ آزاد منڊيءَ سان جڙيل آهي. خاص طور عالمي بئنڪ ۽’آئي ايم ايف‘ جي اڀياس موجب، دنيا ۾ جيڪي به سرڪارو ڪرپشن، پنهنجن کي نوازڻ، آمريت ۽ ڪٽرپڻي جو شڪار آهن، سي حڪمرانيءَ جي بهتر ماڊل طور پيش نه ٿيون ڪري سگهجن.[1]

حوالا[سنواريو]