حالتن جي ٺيڪ ڪٿ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حالتن جي ٺيڪ ڪٿ، حالتن جي صحيح ڪٿ، صورتحال جو ٺيڪ اندازو لڳائڻ يا ڊفينيشن آف دي سچوئيشن (Defination of the Situation) جو اصطلاح آمريڪي سماجي سائنسدان ”ٿامس“ جي حوالي سان 1958ع ۾ ڪتب آيو ۽ ان وقت کان سماجيات ۽ سماجي نفسياتدانن طرفان مسلسل استعمال ٿيندو رهيو آهي. هي هڪ سماجي سمجھ جو هڪ قسم آهي، جنهن ذريعي فرد ۽ گروھ حالتن جي منظر نگاري پنهنجي سمجھ ۽ حالتن آهر ڪن ٿا ۽ ان جي بنياد تي ”حقيقتن“ بابت داخلي ورتاءُ، رويو يا سلوڪ جوڙين ٿا. اهي حقيقتن کي ٻاهرين سچائيءَ طور نٿا مڃين، جنهن جي نتيجي ۾ وچٿرين پاليسين جو ٺهڻ اڻٿيڻ جوڳو ٿي پوي ٿو. انهيءَ ڪري اندازن تي بيٺل پاليسيون، اڻ چٽن فيصلن کي جنم ڏين ٿيون ۽ اڻ ٽا فيصلا غلط نتيجن تائين پهچائين ٿا. ان سلسلي ۾ 1941ع ۾ ”پرل هاربر“ تي ٿيل جاپاني حملي کي مثال ٺاهيندي، ڪيترا ڇنڊڇاڻ ڪندڙ ٻڌائين ٿا ته آمريڪي فيصلا سازن طرفان صورتحال بابت غلط اندازو لڳائڻ جي ڪري آمريڪا کي وڏو نقصان کڻڻ سان گڏ پنهنجي ساک کي به ٻوڙيو. ”صورتحال جو صحيح اندازو“ عوامي راءِ (Public Opinion) کي سمجهڻ ۽ عوامي راءِ مطابق پاليسيون جوڙڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿئي ٿو. سياسي تجزيه نگارن جي خيال موجب ڪنهن به صورتحال جو درست اندازو لڳائڻ سان صحيح فيصلن ۽ صحيح نتيجن کي حاصل ڪرڻ ٿيڻ جوڳو ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]